خانپور مهر ۾ هندو واپاري ۽ نوجوان ڀائيٽي گوليون هڻي قتل، جوابدار جو آپگهات

خانپورمهر (رپورٽر) خانپورمهر جي شاهي بازار، هندو محلي ۾ هڪ افسوسناڪ واقعي دوران واپاري چانڊو رام کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ڀائٽي وندنا زخمي ٿي پئي. واقعي کانپوءِ جوابدار سونو ڪمار مبينا طور پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. خانپورمهر پوليس موجب، جوابدار سونو ڪمار، جيڪب آباد جو رهواسي هو، مبينا طور چانڊو رام جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪيائين، جنهن سبب واپاري قتل ٿي ويو ۽ سندس ڀائٽي سخت زخمي ٿي پئي. بعد ۾ جوابدار پاڻ مٿان فائر ڪري زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو. واقعي بعد، هندو برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جڏهن ته پوليس مقتول ۽ جوابدار جا لاش خانپورمهر تعلقه اسپتال منتقل ڪيا. پوسٽ مارٽم کانپوءِ مقتول چانڊو رام جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار سونو ڪمار جو لاش اسپتال ۾ پيل رهيو. ٻئي طرف، سخت زخمي وندنا کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. خانپورمهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او گهنور مهر موجب، جوابدار جي کيسي مان ملندڙ پسٽل جي لائسنس مان سندس سڃاڻپ ٿي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

  1. جي يو آءِ جي اپوزيشن اتحاد ۾ شموليت بابت عمران خان سان مشاورت مڪمل

راولپنڊي (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي اپوزيشن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي معاملي تي اڊيالا جيل مان گرين سگنل ملي ويو، پي ٽي آءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي. پي ٽي آءِ مطالبن ۽ شرطن جي منظوري لاءِ جمعيت علماءِ اسلام کي پيغام موڪلي ڇڏيو. ذريعن موجب جمعيت علماءِ اسلام زباني جي بدران لکت ۾ خاطري گهري ورتي، جڏهن ته اپوزيشن اتحاد لاءِ وڌيڪ سوالن جا جواب به گهريا. جي يو آءِ موقف اختيار ڪيو ته 26 هين آئيني ترميم دوران پي ٽي آءِ کي اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ بعد ۾ جي يو آءِ تي الزام لڳائڻ افسوسناڪ عمل آهي. جي يو آءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت سان ڳالهين تي به سخت خدشن جو اظهار ڪيو. حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون اپوزيشن پاران ڪيون وينديون ۽ پارٽي سطح تي نه هونديون. جي يو آءِ سوال ڪيو ته ڇا هڪ نئون مخالف اتحاد ٺاهيو ويندو يا ڇا اهو اتحاد آئين تحفظ پاڪستان اتحاد تحت ڪم ڪندو، نئين اتحاد جو ڍانچو ڇا هوندو، ۽ ڪهڙيون پارٽيون شامل هونديون. جمعيت علماءِ اسلام وڌيڪ تجويز ڏني ته مخالف اتحاد پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو ۽ آزاد هوندو. پي ٽي آءِ جي باني سان پي ٽي آءِ کي صلاح ڪرڻ گهرجي، پر آخري فيصلو مخالف اتحاد جو هوندو. سڀئي فيصلا لکت طور تي ٿيندا. پي ٽي آءِ کي عمران خان سان صلاح ڪرڻ گهرجي ۽ اسان کي آگاهي ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.