ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڻي واري معاملي تي اسان جو موقف بلڪل چٽو آهي، سڀني مسئلن جو حل سياسي طريقي سان نڪري سگهي ٿو.سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ ڪيريئر پورٽل ۽ ايپليڪيشن ”آءِ ورڪ فار سنڌ“ جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جعفر ايڪسپريس هاءِ جيڪ ٿيڻ کانپوءِ اسان جي فورسز دهشتگردن کي شڪست ڏني. هن چيو ته پاڪ فوج کي سلام پيش ڪيان ٿو، مذهبي انتهاپسندي هجي يا دهشتگردي اسان ان جو جو ڄمي مقابلو ڪنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته نون ڪئنالن بابت قومي اسيمبلي ۾ اسان پنهنجو واضع موقف اختيار ڪيو آهي، توهان جي آواز اسلام آباد تائين پهچائينداسين. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن کي احساس ٿيو آهي، تنهنڪري هاڻي تبصرا به ڪري رهيا آهن، هي ڪو نئون مسئلو نه آهي، سنڌ جو وڏو وزير هميشه توهان جو ڪيس وڙهندو رهيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هاڪاري سياست تي يقين رکون ٿا، هر مسئلي جو حل سياسي طريقي سان نڪري سگهي ٿو، اسان زراعت جي ترقي چاهيون ٿا، پر پاڻي جي ورڇ به برابر ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو روزگار جو مطالبو ڪن ٿا، پر سرڪاري نوڪريون سڀني کي نه ٿيون ملي سگهن، هاڻي هن پورٽل ذريعي نوڪري جا موقعا دستياب هوندا.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ٻوڏ متاثرن کي رڳو گهر نه ڏنا ويا، پر سندن بئنڪ اڪائونٽس به ٺاهيا ويا ۽ عورتن کي ملڪيت جا حق به ڏنا ويا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي پاران بي روزگار نوجوانن لاءِ تيار ڪيل "آءِ ورڪ فار سنڌ ڊاٽ ڪام” ايپ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب وزيراعليٰ هائوس سنڌ، ڪراچي ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير، خاص مددگار، صلاحڪارن، ترجمان، ڪاروباري برادري جي ماڻھن، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جاب پورٽل لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي صوبي جا نوجوان پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته نوڪري فراهم ڪندڙ ۽ تلاش ڪندڙ سڀني كي گذارش آهي ته هو وڌ کان وڌ هن پورٽل تي رجسٽريشن ڪرائين. وزيراعليٰ ٻڌايو ته هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين جا اشتهار به هن پورٽل تي ڏنا ويندا، جڏهن ته پنج کان پندرنهن گريڊ جون نوڪريون آءِ بي اي جي ذريعي ڏنيون وينديون ته جيئن مڪمل شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ موقعن جي سرزمين آهي، جتي ٽيلنٽ ۽ ترقيءَ جي بيپناهه صلاحيت موجود آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت هيٺ، سنڌ صوبي بي مثال ترقي ڏٺي آهي ۽ هي جاب پورٽل به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.