حڪمران ٻڌي ڇڏين ڪنهن کي پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين:اياز لطيف

مٽياري ( ن ع آ) مٽياري ۾سنڌ دشمن ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه  اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھارين شھرين، واپارين، سياسي، سماجي ڪارڪنن جو مٽياري ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته زرداري صاحب 7 ڪروڙ سنڌين جي اکين کي ڏس، اوچا ٿيل ڳاٽ ڏس، ھاڻ خاموش نه ٿيندا، حڪمران ٻڌي ڇڏين ڪنهن کي به سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين سنڌ اسيمبلي ڪالهھ تصديق ڪري ڇڏي ته ڪينالن تي ڪم جاري آهي جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪالهھ سچ ڳالهايو ته اڄ تائين ڇو چئي رهيا هئا ته ڪينال ڪون پيا ٺهن؟ اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ وسيلن، پاڻي ۽ 18 هين ترميم ڇڏي تان هٿ کڻي وئي آهي چولستان ۽ ٻيا 5 ڪينال ٺهي ويا ته سنڌ بنجر ٿي ويندي. نوان ڪينالن ٺاهڻ ۽ چشما ۽ تونسا ڪينال کي مستقل وهائڻ غير آئيني آهي، سنڌو درياهه تي نوان ڪينال ٺاهڻ ملڪ جي بقا خلاف سازش آهي سڄي ملڪ جي عوام کي سنڌ جي هارين سان گڏ بيهڻو پوندو.اياز لطيف پليجي چيو ته اسان سنڌ جي حقن لاءِ سڄي پاڪستان جي درن تي دستڪ ڏئي رهيا آهيون. اسان پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت چاهيون ٿا سنڌ جا هاري ۽ مزدور بيروزگار آهن، سندن ٻار تعليم کان محروم آهن سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.