سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف گهوڙا ٻاري ۾ احتجاج، جنگيسر جيٽي تي ريلي

گھوڙاٻاري (رپورٽ: سيد امير شاهه ڀاڏائي) درياهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تعلقي ڪيٽي بندر ۽ ڀرپاسي جي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن ۽ مهاڻن پاران سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي ريلي ٻگھاڻ کان ڇهه ڪلوميٽرن جي پنڌ سفر بعد جنگيسر جيٽي تي پهتي، جتي سنڌو درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گلن جي ورکا ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن سنڌو درياءَ جي قدرتي وهڪرن کي بحال ڪرڻ، ڊيلٽا کي مٺو پاڻي ڏيڻ ۽ سنڌ جي پاڻي تي ٿيندڙ زيادتين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) ۽ ٻين سياسي، سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه جي وهڪري کي روڪڻ ۽ نوان ڪئنال ٺاهڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي رهيو آهي، جنهن جو سڌو اثر سنڌ جي زرعي معيشت، ماحوليات، ماهيگيرن جي روزگار ۽ سامونڊي حيات تي پئجي رهيو آهي. احتجاجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڻي جي کوٽ سبب سامونڊي چاڙهه سوين ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن، زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ سامونڊي حيات تي شديد اثر پئجي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن ساحلي علائقن جي زراعت، ماهيگيرن جي روزگار ۽ حياتياتي نظام کي بچائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.