هر سال جيان هن سال به ڪالهه 14 مارچ تي سڄي دنيا سان گڏ سنڌ ۾ پڻ درياهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هونئن ته هر سال 14 مارچ تي سنڌ ۾ درياهه جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ سيمينار، جلسا جلوس وغيره ڪرايا ويندا آهن، پر هيل درياهه جو ڏينهن جهڙوڪ حتمي فيصلي جو ڏينهن هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي هزارن جي تعداد ۾ درياهه بچائڻ لاءِ گڏ ٿي سنڌ جي مختلف شهرن جي پريس ڪلبن اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. جيتوڻيڪ ڪالهوڪي احتجاج ۾ ادبي، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جهڙوڪ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، جمعيت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي، جسقم، جسم ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا، پر ڪٿي به تنظيمي ۽ شخصي نعرو ٻڌڻ ۾ نه آيو، چوطرف رڳو ”سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، نوان ڪئنال نامنظور“ جي گونج هئي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ پڻ تڪراري ڪئنال جي خلاف رٿ پيش ڪئي وئي، جيڪو ٺهراءَ اڪثريت راءِ سان منظور پڻ ڪيو ويو، پر ان هوندي به سنڌي ماڻهن جي درياهه تي بند ٻڌڻ واري غير فطري، غيرقانوني ۽ ماحول دشمن عمل خلاف ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ختم نه ٿيو. جنهن سبب سنڌ جا ماڻهو تڪراري ڪئنالن خلاف روڊن تي نڪري وفاقي حڪومت توڙي اسٽيبلشمينٽ تي واضح ڪيو ته پنهنجي غير جمهوري عمل کان باز اچو، ٻي صورت ۾ اوهان کي سنڌ مان سخت سياسي مزاحمت سان منهن ڏيڻو پوندو .ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ڪالهوڪي ڏينهن درياهه بابت عوامي ريفرنڊم جو ڏينهن هو، جنهن ۾ سنڌي ماڻهن پنهنجو تاريخي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته درياهه جي فطري وهڪرن سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند قبول ناهي.
ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سنڌو درياهه مان جيڪي ڇهه نوان تڪراري ڪئنال وفاقي سرڪار ڪڍڻ لاءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻ سان گڏ وفاقي سالميت داءُ تي لڳائي رهي آهي، جيڪڏهن ان جو جائزو وٺنداسين ته اهو اسان کي هڪ عجيب ۽ کل جوڳو منصوبو معلوم ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ان منصوبي جي ڪاميابي جو امڪان بنهه به ناهي، تنهن هوندي به خبر ناهي ته ڇو ته وفاقي سرڪار، ملڪي خزاني کي ختم ۽ ملڪي سالميت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ بضد آهي. اها ڪهڙي عقلمنديءَ جو سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍي درياهه سڪائي هڪ ته ماحولياتي تباهي آڻي انڊس ڊيلٽا تباهه ڪيو، ۽ ٻيو هزارها سالن کان آباد سنڌ جون ٻنيون محض ان لاءِ غير آباد بڻايو ته جيئن غير آباد زمينون آباد ڪري سگهجن، اها ڳالهه ته بلڪل ايئن ئي آهي ته جيئن انسان پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ ايٽم بم ۽ ٻيا خطرناڪ جوهري هٿيار ايجاد ڪري ڌرتي تي پنهنجو وجود محفوظ ڪرڻ بدران خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
زمينن جو پنهنجو مزاج ۽ سندن گهرجون به پنهنجيون ٿينديون آهن، پهاڙي زمين هجي، درياهي زمين هجي يا وري وارياسي ڌرتي.اهي جهڙي طرح فصل مختلف ڏينديون آهن ته اهڙي طرح انهن کي کيڙڻ، سنوارڻ ۽ آبادگار ڪرڻ جا طور طريقا به الڳ الڳ هوندا آهن.چولستان، روهي ۽ ٿر جي زمين صدين کان برسات جي وسڪاري تي آباد ٿينديون رهيون آهن. هاڻ ته سائنس تمام وڏي ترقي ڪري چڪي آهي جو موجوده دور ۾ هٿرادو مينهن وسائڻ ڪا ناممڪن ۽ انوکي ڳالهه ناهي. سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به هٿرادو مينهن وسائڻ جو ڪامياب تجربو ٿي چڪو آهي. پوءِ ڇو ته چولستان، روهي ۽ ٿر جون زمينون توڙي پهاڙي ڌرتي آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ درياهه سڪائڻ کان سواءِ ئي هٿرادو مينهن وسائي بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنهن جو مقامي ماڻهن کي ڀرپور لاڀ حاصل ٿيڻ سان گڏ ملڪي پئداوار ۾ به اضافو ٿيندو جنهن سان ڍل ۽ ٻي ٽيڪس سبب سرڪاري خزاني ۾ به جهجهو ناڻو جمع ٿيڻ شروع ٿي ويندو، سڀ کان وڏي ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته صوبن جي عوام ۾ ٽڪراءُ، جيڪو حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ويڙهه جي صورتحال اختيار ڪري رهي آهي سا به ختم ٿي ويندي.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ درياهن جي ڊيم ٺاهڻ وارا منصوبا ناڪام ۽ نقصانڪار ثابت ٿي چڪا
آهن، ڇاڪاڻ ته درياهن جا وهڪرا زمينون سراب ڪرڻ سان گڏ جر کي پڻ پُر ڪندو جڏهن وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي ته سمنڊ جي کاري پاڻي پوئتي ڌڪي زير زمين اڳتي وڌڻ ناهي ڏيندو، جر جو پاڻي به دراصل درياهه جو پاڻي هوندو آهي، درياهه کي سڪائڻ سان جر به سڪي ويندو آهي. درياهه نه رڳو ماڻهن پر درياهي توڙي جهنگلي جيوت، وڻ ٽڻ ٻوٽا، جيت جڙو ۽ پکين جي جياپي جو اهڃاڻ آهي. درياهه جي فطرتي وهڪرن جي آڏو بند ٻڌڻ فطرتي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جي مترادف آهي، جنهن جا نتيجا انسان جي ڀوڳڻ ۽ وس ۾ ناهن هوندا، جنهن جو هڪ مثال اهو به آهي ته سنڌ ۾ ٻيلن جي تباهي کان پوءِ گرمي پد ۾ جيڪا واڌ ٿي رهي آهي، ان ۾ هر سال خطرناڪ واڌ ۽ شدت محسوس ڪئي ويندي آهي، جنهن سان جانور، توڙي پکي پهڻ ۽ ماڻهو به مري رهيا آهن.ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نوان وڻ نه پوکيا ويندا ۽ ٻيلن کي ٻيهر آباد نه ڪيو ويندو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سنڌ ۾ گرمي پد انسان ۽ ٻين جاندارن جي برداشت کان ٻاهر هوندي. سو ان لاءِ ضروري آهي ته وفاقي سرڪار تڪراري ۽ بي لاڀ منصوبن کان فوري طور دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪري ملڪ ۾ وڌندڙ بيچيني ۽ ڇڪتاڻ جو سند باب ڪري.