جعفر ايڪسپريس حملو پي ٽي آءِ تي ٿاڦيو پيو وڃي:شهباز گل

نيويارڪ(عوامي آواز نيوز)آمريڪا ۾ رهندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل چيو آهي ته  جعفر ايڪسپريس  تي بي ايل اي جي حملي  جي  ذميواري به  پي ٽي آءِ جي مٿان لڳائڻ جي تياري ٿي رهي آهي.ڪامران شاهد جي پروگرام  ۾ ڊي جي آئي ايس پي آر جو بيپر شامل هيو جنهن ۾ هن  8 منٽن جي ڳالهه ٻولهه دوران هڪ کان ڏيڍ منٽ رڳو واقعي بابت ڳالهايو ته 33 دهشتگرد ماريا ويا آهن 21  مسافر شهيد ٿيا  آهن باقي  هن سياسي ڳالهيون ڪيون. ان جي فورن بعد هڪ صحافي عامر الياس رانا پاران ٽوئٽ ڪئي وئي ته  هاڻي رولز آف دي گيمز تبديل ٿي ويا آهن جيئن 9 مئي بعد صورتحال بدلي  هاڻي به  دشمن جو بيانيو  سوشل ميڊيا تي  هلائيندڙن لاءِ هڪ نئين  مشڪل پيدا ٿيڻ واري آهي.عجيب ڳالهه آهي ته ملڪ دشمن بي ايل اي جي ڪارروائي کي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت پي ٽي آءِ جي ڳلي ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،هن چيو ته  اسحاق ڊار اختيار ولي هجي يا عطا تارڙ سڀني اهڙي قسم جون ٽوئٽس ڪيون. هنن مطابق جيڪا هي دهشتگردي آهي ان جي پٺيان  پي ٽي آئي آهي. ٻئي پاسي مون سميت 7 ڄڻن خلاف  توهين آميز پوسٽون لڳائڻ تي ڪيس داخل ڪيو آهي.انهن ۾ صابر شاڪر، احمد نوراني، عادل راجا،وقار ملڪ مٿان ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.