اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي پويان ڀارت جو هٿ آهي. پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان شفقت علي خان چيو ته اسان جعفر ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي کانپوءِ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري ورتو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته جعفر ايڪسپريس تي حملو به پرڏيهي قيادت جي سازش جو نتيجو هو ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جا پيرا ڀارت ڏانهن وڃن ٿا. ترجمان وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ تازين دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث عنصر افغانستان ۾ ويٺل پنهنجي ساٿين سان رابطي ۾ هئا. هن انڪشاف ڪيو ته حملي دوران ٽريس ٿيل ڪالز مان ظاهر ٿيو آهي ته دهشتگرد افغانستان سان سڌي ريت رابطي هئا. هن چيو ته دهشتگردن جا افغانستان ۾ محفوظ ٿاڪ آهن، جڏهن ته پاڪستان بار بار افغان عبوري حڪومت کان مطالبو ڪندو رهيو آهي ته هو بي ايل اي جهڙن دهشتگرد گروپن کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ کان روڪين. پرڏيهي ترجمان آمريڪي سفري پابندين بابت ميڊيا ۾ هلندڙ ڳالهين کي افواهه قرار ڏيندي وضاحت ڏني ته اهڙيون پابنديون لڳائڻ جو ڪو سرڪاري فيصلو ناهي ڪيو ويو. هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان شفقت علي خان چيو ته پاڪستان پنهنجي شهرين تي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي بابت نوٽيس وٺي چڪو آهي.