ڪراچي (م ڊ) سماجي ڪارڪن ۽ انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر تڪراري 6 ڪئنالن تي چيو ته اهو زندگي ۽ موت جو سوال آهي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي نه هوندو ته نه رڳو انسان پر جهنگلي ۽ آبي جيوت به مري ويندي، اها ثقافتي نسل ڪشي هوندي. هن چيو ته حڪومت هاڻي ڏڪي رهي آهي، ڇو ته هنن ڏٺو ته ڪيترا ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، اسڪول جا ٻار به احتجاج ڪري رهيا آهن، ان لاءِ بيانيو تبديل ڪري رهيا آهن ۽ منصوبو به تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جونيئر ذوالفقار چيو ته هي سنڌو درياهه مان پاڻي ڪڍندا ڇو ته ستلج ۾ پاڻي ناهي، هي لنڪ ڪئنال جي ڪيپسٽي وڌائيندا ۽ سنڌو درياهه جو پاڻي ان مان ستلج ۾ ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان نئين ديري ۾ اعلان ڪيو هو ته سياست ۾ اچڻ جو ارادو آهي، پيپلزپاٽي شهيد ڀٽو گروپ آهي جيڪو بابا شروع ڪيو هو، اهو اڃا تائين موجود آهي ۽ اميد آهي ته ان جي اڳواڻي ڪندس. سندس چوڻ هو ته ائين نٿو لڳي ته مون کي سڀ ڪجهه خبر آهي، مان سکي ۽ تياري ڪري رهيو آهيان.