سنڌ حڪومت به اٽڪل بازيون پئي ڪري:قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته (اڄ) لکين سنڌي سنڌو درياهه کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ سنڌو درياءَ  تي ڪئنالن واري منصوبي خلاف ڀرپور احتجاج رڪاڊ ڪرائي حڪمرانن کي اهو پيغام ڏيندا ته سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياهه تان هٿ نه کڻندا اهي ساھ جي آخري هڏڪي تائين سنڌو درياءِ جي بقا جي لاءِ جدوجهد ڪندا رهندا. هن چيو جيئن صدر آصف زرداري ڪئنالن جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ عوامي دٻاءُ سبب پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اٽڪلبازيون ڪيون آهن ان طرح سنڌ حڪومت به اٽڪلبازيون ڪري پئي پهرين سنڌ حڪومت جي جي وزيرن مشيرن چيو پئي ته ڪئنال ڪونه پيا ٺهن پر جڏهن عوام جي ڪاوڙ کي ڏٺو ته  ان دٻاءُ هيٺ سنڌ  اسيمبلي ۾ مبهم قراداد پيش ڪئي آهي  جنهن ۾ صرف چولستان ڪئنال جو ذڪر ڪيو ويو آهي پر باقي ڪئنالن جو ڪو ذڪر ناهي. نه وري ڪئنالن جو منصوبو ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.