پنجگور ۾ ميرپورخاص واسي سڳن ڀائرن سميت ٽي ڄڻا قتل

نصيراباد / ميرپورخاص  (نمائندا) پنجگور ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ميرپورخاص سان تعلق رکندڙ 3 نوجوان قتل ٿي ويا. پنجگور ۾ ضلع مير پور خاص سان تعلق رکندڙ حجامڪو ڪندڙ ٽي پورھيت ڪم ڪري رھيا ھئا ته ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ ڪري عبدالستار ولد بجار، زبير ولد بجار ۽ محمد زمان کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي، لاش پوسٽ مارٽم بعد اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا.   هوڏانهن ميرپورخاص جي ٻن سڳن ڀائرن سميت ٽن پورهيتن زبير بروهي، ستار بروهي ۽ سندن مائٽ محمد زمان جا مڙھ ميرپورخاص ضلع جي تعلقي حسين بخش مري جي ڳوٺ محمد صالح نواب فارم  پهتا جتي شهيدن جي عشاء واري نماز بعد جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ مٽ مائٽن وڏي انگ شرڪت ڪئي نوجوان پورهيتن جي مڙهن کي سوين آلين اکين سان اباڻن قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، دهشتگردن پاران شهيد ڪيل ٻئي سڳا ڀائر زبير بروهي ۽ ستار بروهي پنجگور ۾ حجام جو ڪم ڪندا هئا جڏهن ته سندن مائٽ محمد زمان مزدوري ڪندو هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.