اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)تجزئي نگار فاروق اقدس چيو آهي ته صدر جي خطاب جا ڪجهه پارلياماني روايتون هونديون آهن پر اهڙو منظر پارليامينٽ ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو،صدر زرداري جي خطاب دوران مسلم ليگ ن جون عورت ميمبرز پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز وٽ پهچي ساڻس ملنديون رهيون،مسلم ليگ ۽ ڪجهه پ پ جا ميمبر پنهنجي موبائيل فونن تي مصروف رهيا،پي ٽي آءِ صدر جي خطاب دوران مسلسل گوڙ ڪندي رهي ۽ انهن جو مقصد قيدي نمبر 804 جي آزادي لاءِ آواز اٿارڻ هو،علي محمد خان بينر کڻي بيٺل رهيو پر هن نه نعرا هنيا نه ئي نعرن جو جواب ڏنو،ايوان ۾ موجود سفارتڪارن آڏو عمران خان جي آزادي وارا بينر لهرايا ويا،پي ٽي آءِ جي حڪمت عملي ڪامياب رهي انهن سمورو وقت ڪنهن کي ڳالهائڻ نه ڏنو،عبدالقادر پٽيل صدر آصف زرداري لاءِ ڍال بڻجي بيهي رهيو،اهو به پهريون موقعو آهي ته صدر جي خطاب دوران رڳو ٻه ڀيرو ڊيسڪ وڄايا ويا،ماڻهن کي خطاب سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو،پنهنجي خلاف نعرن باوجود مريم نواز مسڪرائيندي رهي،آرمي چيف جنرل عاصم منير اجلاس ۾ نه آيو،