سکر(رپورٽر)سنڌ جي مختلف وڪيلن ڇهه ڪينالن خلاف جاري تحريڪ دوران ڪنهن به شخص تي ڪيس داخل ٿيڻ جي صورت ۾ انهن جو ڪيس عدالت ۾ مفت وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي،ايڊووڪيٽ سرتاج حيدر شر ۽ ٻين وڪيلن اهو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڇهه ڪينال ڪڍڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ مختلف تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ عام شهرين پاران جاري احتجاجي تحريڪ جي ڪنهن به فرد تي ڪٿي به ڪيس داخل ڪيو ويو ته سوشل وڪلا ورڪنگ ٽيم انهن جو ڪيس بنا ڪنهن فيس جي وڙهندي. ڇهه ڪينالن خلاف تحريڪ هلائيندڙن تي جتي به ڪيس داخل ٿيندو، اسان جي ٽيم انهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندي.