ماتلي ۾ ڪهاڻيڪار رمضان دلدار چڍڙ قتل

ماتلي(ن ع آ)ماتلي ڦليلي ڀرسان وچ شهر ۾ نظاماڻي مارڪيٽ اندر دڪان اڳيان ڪرسي تي ويٺل جڳ مشهور شاعر، ليکڪ ۽  اديب رمضان دلدار چڍڙ کي نامعلوم ماڻهن پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار موقعي جو فائدو وٺي فرار ٿي  ويا پوليس جا3 واردات تي پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال ماتلي پهچايو ۽ ضروري ڪاروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻئي طرف ماتلي پوليس مقتول جي وارثن کي يقين ڌياني ڪرائڻ کان پوءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.