ڊاڪٽر شاهنواز جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جي ضمانت تي فيصلو محفوظ

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ۽ لاش جو پهريون پوسٽ مارٽم

ڪندڙ ڊاڪٽر  پاران پهرين پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تشدد ڪرڻ جو ذڪر نه ڪرڻ جي الزام هيٺ ايف آئي اي پاران گرفتار ڪيل ڊاڪٽر منتظرلغاري جي ضمانت جي ٻدڻي ميرپورخاص جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ٿي. لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانتن واري ڪيس جي ٻڌڻي عدالت 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت ڊاڪٽر منتظر لغاري جي ضمانت تي فيصلومحفوظ ڪندي ضمانت جو فيصلو 15 مارچ تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي عدالت ٻاهران ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي وڪيل مير احمد مڱريو چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت واري ڪيس جي ٻڌڻي جوابدارن پاران ڪيس خارج ڪرڻ جي هاڻي ڪورٽ پٽيشن هجڻ سبب ملتوي ڪئي وئي آهي.هن چيو ته هاڻي ڪورٽ واضح هدايتون ڏنيون آهن ته ٽرائل ڪورٽ هاڻي ڪورٽ جي پٽيشن جي ڪري ڪيس نه روڪي ٽرائل ڪورٽ پنهنجو ٽرائل جاري رکندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.