ڪئنال ٺهيا تي آبي جيوت مري ويندا، اسان ٻار مري ويندا: جونيئر ذالفقار ڀٽو

ٺٽو(م ڊ)شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته جيئن ڪالاباغ ڊيم خلاف مزاحمت ڪئي ائين ئي ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪندا رهنداسين،ٺٽي ويجهو شهيد رحيم بروهي جي وارثن  سان تعزيت جي موقعي تي هن چيو ته مون کي ياد آهي ته شهيد بابا شهيد رحيم بروهي سان گڏ ويندو هو،بابا سان گڏ جدوجهد ڪندڙ 50 کان وڌيڪ ساٿين شهادتون ڏنيون آهن،اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته شهيد رحيم بروهي جا وارث اڄ به اسان گڏ بيٺا آهن،عوام لاءِ سياست ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته  اڄڪلهه سياست اميرن جي سياست بڻجي وئي آهي،ماڻهو ملڪ وڪرو ڪري رهيا آهن،منهنجي بابا جي خواهش هئي ته پاڪستان جمهوري ملڪ بڻجي،سنڌ جي سڃاڻپ ٻلهڻ آهي،ڪئنال ٺهيا ته اهي مري وينديون،اسان جا ٻار مري ويندا،پاڻي کوٽ سبب ڊولفن هن وقت به مري رهيون آهن،سجاول ٺٽي جي دوري دوران ۾ مون درياهه ۾ رڳو واري ئي واري ڏٺي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.