اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪجهه هڪ طرفيون پاليسيون وفاق تي شديد دٻاءُ وجهي رهيون آهن، صدر طور سنڌ درياهه مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ واري حڪومتي فيصلي جي حمايت نه ٿو ڪري سگهان. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف زرداري پارليامينٽ ميمبرن کي قومي مفاد کي ترجيح ڏيڻ، ذاتي ۽ سياسي اختلافن کي پوئتي رکڻ، معيشت جي بحالي، جمهوريت جي استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني. صدر آصف زرداري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته صدر طور ۽ محب وطن پاڪستاني منهنجي ذميواري آهي ته مان ايوان ۽ حڪومت کي خبردار ڪريان. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه هڪ طرفيون پاليسيون وفاق تي شديد دٻاءُ وجهي رهيون آهن، خاص طور تي سنڌو درياهه مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ وارو حڪومتي فيصلو، جنهن جي صدر طور حمايت نه ٿو ڪري سگهان. صدر حڪومت کي صلاح ڏني ته هن تجويز تي ٻيهر غور ڪري ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪو پائيدار ۽ گڏيل حل ڪڍيو وڃي، حڪومت ڪينالن واري رٿا رد ڪري ۽ سمورين وحدتن کي گڏ ڪري گڏيل حڪمت عملي جوڙي. صدر زرداري جي خطاب دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، جنهن سبب صدر کي هيڊفون لڳائي تقرير ڪرڻي پئي .صدر زرداري چيو ته گذريل هڪ سال دوران معاشي استحڪام ڏسڻ ۾ آيو آهي، ملڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا ناڻي جا ذخيرا وڌيا آهن، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند سطح تي پهچي وئي آهي ۽ پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽجي 12 سيڪڙو تي اچي ويو آهي. صدر زرداري زور ڏنو ته معيشت کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ، عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ، ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻ ۽ پٺتي پيل علائقن جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته ايندڙ بجيٽ ۾ تعليم لاءِ مختص رقم وڌائي وڃي. هن چيو ته سي پيڪ ۽ گوادر بندرگاهه پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ ڄاڻايل منصوبن کي مڪمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ هڪ اهم واپاري مرڪز بڻجي سگهي ۽ وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا لاءِ ترقي جو دروازو بڻجي. صدر زرداري وڌيڪ چيو ته اچو ته قومي مفاد کي ترجيح ڏيون، ذاتي ۽ سياسي اختلافن کي هڪ پاسي رکون، معيشت کي بحال ڪرڻ، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهيون جيڪو انصاف تي ٻڌل، خوشحال ۽ سڀني لاءِ فائديمند هجي. صدر چيو ته مان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪريان ٿو ته زرعي شعبي کي مستحڪم ڪيو وڃي. زراعت اسان جي معيشت جو اهم ستون آهي، زرعي شعبي ۾ جديد طريقن جي ضرورت آهي، بهتر ٻج جي پيداوار، زرعي تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪريو ۽ زمين کي وڌيڪ پيداواري بڻائي روزگار پيدا ڪريو. اسان کي پاڻي جي وڌيڪ دستيابي ۽ موثر استعمال تي ڌيان ڏيڻو پوندو،فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ وڏي گنجائش موجود آهي. ملڪ جي ڍنڍن ۾ آبي وسيلن ۾ مڇي جي صنعت جا وڌيڪ موقعا موجود آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته ”جيستائين حڪومت جو تعلق آهي، وزارتن کي به پنهنجي ويزن ۽ مقصدن کي ٻيهر منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان جي عوام کي درپيش وڏن مسئلن کي هڪ مقرر مدي اندر حل ڪرڻو آهي، اسان کي جمهوري ادارن تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ٺوس فائدا فراهم ڪرڻ گهرجن“.آصف زرداري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ عام ماڻهو، مزدور ۽ پگھاردار طبقو سخت معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته اسان جا شهري مهانگائي، ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ بجليءَ جي وڌندڙ قيمتن جي بار ۾ آهن. آصف زرداري چيو ته مان هن پارليامينٽ ۽ حڪومت کي اپيل ڪريان ٿو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪيو وڃي. صدر چيو ته حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ پگهارون ۽ پينشن وڌائي. پگهاردار طبقي تي انڪم ٽيڪس گهٽائڻ ۽ توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته اسان کي نوڪرين جي کوٽ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اسان جو ڌيان نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ تربيت يافته افرادي قوت جي موثر استعمال تي هجڻ گهرجي. صدر زرداري صدر جي خطاب کانپوءِ، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.