ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌوءَ تي ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل،تحريڪ ۾ اسڪولن،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد به شامل ٿي ويا، خبر موجب نصيرآباد ۾ گرلس پرائمري اسڪول جي استادن معصوم شاگردن سميت سول سوسائٽي جي نمائندن پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي تعلقا پريس سامھون آرٿر واھ جي پل تي ڌرڻو هنيو ويو، گورنمينٽ گرلس مين پرائمري اسڪول جي ٻارڙن ھيڊ مسٽريس آپا قمر النساء سومرو ، آپا رابعه چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ معصوم شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪري ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال قبول نه ڪنداسين، اسان معصوم ٻارڙا درياهه خاطر جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ٻئي پاسي شھرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پاران رياض علي جبار آزاد منگي ڦلپوٽو،ڪامريڊ فرحان ٽڳر، آفاق احمد سمون،شھري اتحاد جي جنرل سيڪريٽري عنايت الله تنيو، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، مبين منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪئنالن خلاف پوسٽ آفيس کان مختلف رستن کان ٿيندي تعلقا پريس ڪلب سامهون آرٿر واھ جي پل تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،ٻئي پاسي گورنمينٽ ھاءِاسڪول نصيرآباد، چنا محلا بوائز پرائمري اسڪول ۽ سعيد خان پنھور پرائمري اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن پاران حڪومت خلاف شديد نعريبازي سنڌ دشمن منصوبي درياء مٿان ٺھندڙ ڇھن ڪينالن کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي گھر ڪئي آهي،ان موقعي تي استادن نجي چنا، احمد علي واهوچو ۽ عبدالوحيد سيھڙ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ اڳواٽ ئي شديد پاڻي جِي کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي، جنهن جي ڪري انڊس ڊيلٽا تباھ ٿي چڪو آھي،ڪئنالن جي سنڌ دشمن پروجيڪٽ منصوبي کي ختم ڪيو وڃي،هوڏانهن ڪوٽڙي جي علي بابا ڊگري ڪاليج جي استادن توڙي شاگردن سنڌو درياھ مٿان تڪراري ڪئنالن خلاف ڪاليج مان ريلي ڪڍي نيشنل هاءِ وي ٺٽو تي احتجاج ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياھ اسان جو جياپو آهي،دادو ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف مختلف تنظيمن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي دادو،جوهي، ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه ۾ استادن پاران احتجاج ڪري سنڌ دشمن منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي،پ ٽ الف جي اڳواڻن عنايت علي جمالي،وسيم کوکر،الهبچايو ميمڻ،صابر حسين ڏاوڇ ۽ ٻين استادن گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين سان گڏ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ ڪارا جهنڊا کڻي سنڌ دشمن منصوبي خلاف احتجاج ڪيو، ٻي طرف آل سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ايس ٽي پي، جي يو آءِ، جسقم ۽ ٻين قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن هٿن ۾ بينر ۽ جهنڊا کڻي علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي،مظاهرين جبران پنهور،شمس الدين ڀٽو،قاضي زاهد علي،جبران جوڻيجو ۽ ٻين هٿن ۾بينر،پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج ڪيو، هوڏانهن دادو جي باشعور شاگردن تي مشتمل شاگرد تنظيم پاران فاروق ٻرڙو، غفار جمالي،صدام خاصخيلي،آصف جمالي، علي ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڻ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو پاڪستان فيڊريشن جي خلاف آهي،ٽنڊوڄام مان احمد سجاد جي رپورٽ مطابق سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا شاگرد به ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا،شاگردن پاران زرعي يونيورسٽي جي مين ڪئمپس کان پريس ڪلب ٽنڊوڄام تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،حيدرآباد ميرپورخاص روڊ ڪئنال ٺاهيندي پادر کائيندي جي نعرن سان گونجي اٿيو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ مخلتف تنظيمن ايس يو پي،جساف آريسر، جساف شهيد بشير خان قريشي،جسقم سميت ڪيترن ئي پارٽين جي اڳواڻي ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مين ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين پيادل ريلي ڪڍي وئي،ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن آڪاش ڪلھوڙو،برڪت تنيو،فرهاد چانڊيو،دانش کوسو،سرفراز ڏاھري،افصل شر،ظفر ٽانوري،فرقان راجپر،شبير سنڌي،ساجد چانڊيو،عبدالله ويسر سميت سوين ڪارڪن توڙي شاگرد به موجود هئا،شاگردن جو چوڻ هيو ته وڏيرا ۽ ڀوتار سوين ۽ هزارين ايڪڙ زمين رکن ٿا اهي سنڌو درياهه کي وڪرو ڪرڻ واري ڪم سان لڳل آهن درياھ کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿا ڪن، سنڌ جا معدني وسيلا ۽ قومي مليڪتون کسجي چڪيون آهن،پر هاڻ جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي اچي پيو اهو به ڦرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي، وسيلا ۽ درياهه بچائڻ جي لاءِ پارٽين ۽ نظرين کان هٽي ڪري اڳتي اچڻو پوندو، هنن چيو ته سنڌ جو جياپو سنڌو درياهه آهي،سنڌو درياهه رهندو ته سنڌ به رهندي،ڪئنال سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ موت جو پروانو آهن، سنڌي قوم کي پنهنجي درياهه خاطر نڪرڻو پوندو،پيروسڻ مان رپورٽ منٺار علي سومرو موجب ٽنڊو ميرعلي جي ھاءِ اسڪول جي شاگردن احسان علي،زوھيب احمد، ڪليم الله، سميع الله، اويس احمد، اقرار احمد ۽ فراز سميت ٻين سوين شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو،يارو لنڊ ۾ ايڇ ايس سي ڪمپني ۽جعفريا الائنس طرفان مولانا معشوق علي، وحيد رباني، امين نائچ، ڊاڪٽر منور علي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي