ڪئنالن خلاف صدر جو بيان ناٽڪ ۽ سنڌ ۾ تحريڪ ماٺي ڪرڻ جي سازش آهي:قوم پرست

ڪراچي/حيدرآباد/ٽنڊومحمدخان(پ ر+نمائندا) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي صدر آصف زرداري جي ڪئنالن خلاف بيان کي ڊرامو قرار ڏيندي چيو آھي ته 8 جولائي 2024 تي ايوان صدر ۾ آصف زرداري سنڌ دشمن ڪئنالن منصوبن جي منظوري ڏني ۽ تڪڙو ڪم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي،سنڌ جي عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ کوکلا بيان ڏئي رھيو آھي ته جيئن احتجاجي تحريڪ کي ماٺو ڪري سگھجي پر ڪئنال  منصوبو رد ٿيڻ ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رھندي،آصف زرداري سنڌي قوم کان معافي وٺي عھدي تان استعفي ڏي،هن چيو ته  سنڌي ماڻھو ڌرتي جھڙو مزاج رکندڙ آھن،جيڪڏھن ٿڌا آھن ته ٿڌا آھن،گرم ٿيندا ته ٿڌا نه ٿي سگھندا.سنڌ جو عوام ھاڻ بيدار ٿي رھيو آھي.ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين شھر شھر ۾ جلسا ۽ ريليون ثابت پيون ڪن ته ھي ڪينالن وارو ڪاٺ اوھان لاءِ ڳرو آھي،پ پ-ن ليگ جي گڏيل حڪومت سنڌي عوام جو ٻرندڙ جبل کوٽي وڌو آھي،احتجاجي لاوا ڦاٽي رھيا آھن،ڪو وزير ڪئنال جي حمايت ڪري سنڌ ۾ ھلي نٿو سگھي،هن چيو ته آصف زرداري ملڪ جو صدر آھي، ڪرپشن ۽ اقتدار لاءِ ھر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھيو آھي. جنھن کي سنڌ جو عوام ھاڻ رد ڪري ڇڏيو آھي.ٻئي پاسي جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي آصف علي زرداري ڪئنالن جي مخالفت جو ناٽڪ ڪيو آھي اهو سنڌي ماڻھن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آھي اها ڳالھه رڪارڊ تي موجود آھي ته 8 جولاءِ تي صدر زرداري جي صدارت ۾ ميٽنگ ٿي جتي ڪئنال جي منظور ڏني هاڻ سنڌي ماڻھن جي ڪاوڙ کي جهڪو ڪرڻ لاءِ ناٽڪ پيو ڪري پر سنڌ جا ماڻهون تيستائين انهن مٿان اعتبار نه ڪندا ۽ پر امن جدوجهد جاري رهندي جيستائين ڇهن ڪيئنالن رد ڪرائڻ لاءِ  پيپلز پارٽي انهن کان نوٽيفڪيشن نه ٿي ڪڍرائي هن چيو ته مان وڪيلن، شاگردن، هارين، پورهيتن، سول سوسائٽي سياسي سماجي ماڻهن قوم پرست ڌرين کي خراج ٿو پيش ڪريان جن هڪ سگهاري جدوجهد ڪئي آهي جيئي سنڌ محاذ  سڄي سنڌ کي دعوت ڏي ٿو ته 14 مارچ تي درياه جي تحفظ ۽ ڪيئنالن خلاف ڄامشورو پل المنظر ڪوٽڙي بئراج تي سنڌ گڏ ٿئي جيئن دنيا ڏسي ته درياهه اسان جو کسيو پيا وڃن ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڪيل خطاب تي رد عمل ظاهر ڪندي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سيو انڊس رور موومينٽ جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو آهي ته آصف زرداري جو بيان، ٻٽو ​​رويو ۽ عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش آهي ڇاڪاڻ ته عملي طور تي، آصف زرداري پاڻ صدارتي محل ۾ ڪينال جي اجازت ڏئي سنڌ جي حصي جي پاڻي جي لٽ مار جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته هو پارليامينٽ ۾ ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي.سيد زين شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته زرداري جو بيان سياسي بيانيو عوام سان ويساھ گهاتي ۽ سنڌ جي حقن تي کليل حملو آهي،اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل قبول آهي ته هڪ طرف اهي سنڌو درياءَ جي حفاظت جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٻئي طرف انهن جي حڪم تي سنڌو درياءَ جي پاڻي تي قبضي جي سازش ڪئي پئي وڃي،هن چيو ته وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جي بيساکي تي بيٺي آهي ۽ جيڪڏهن صدر زرداري ڪينالن جي خلاف آهي ته کيس وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي،هي حڪومت آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي کان سواءِ هڪ ڏينهن به نه ٿي ھلي سگهي،هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي وڌيڪ دوکو نٿو ڏئي سگهجي،هي سازش هاڻي بي نقاب ٿي چڪي آهي۽ ماڻهو چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته سنڌ جي وسيلن جو اصل دشمن ڪير آهي،سنڌو درياهه سنڌ جي جان آهي، ۽ جيڪڏهن ان جي پاڻي کي لٽڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته ماڻهو ان جي ڀرپور مزاحمت ڪندا،سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جا ماڻهو اڳ ئي پاڻي جي سخت کوٽ جو شڪار آهن، وڌيڪ واهه کوٽڻ سان سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ ماحول کي ناقابل تلافي نقصان پهچندو،هن حڪومت کي خبردار ڪيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي جي ڪنهن به غلط استعمال کي برداشت نه ڪيو ويندو،سنڌ جا ماڻهو هاڻي دوکي کي برداشت نه ڪندا،جيڪڏهن حڪومت سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻي کي لٽڻ جي سازش بند نه ڪئي ته عوام پاڻ فيصلو ڪندا ۽ حڪمرانن کي پنهنجن فيصلن جو جوابده بڻجڻو پوندو ٻئي پاسي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد، ملير، سکر، سانگهڙ ۽ ٺٽي ضلعن جا ڌار ڌار اجلاس ٿيا، عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جو اجلاس ضلعي صدر ديال صحرائي جي صدارت هيٺ مٺي ۾ ٿيو جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري خصوصي شرڪت ڪئي. ٻي پاسي عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو اجلاس ضلعي صدر پرهه سومرو جي صدارت ۾ گهگهر ۾ ٿيو جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار خصوصي شرڪت ڪئي، جڏهن ته عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جو اجلاس ضلعي صدر عطاءُ الله انڙ جي صدارت ۾ شهدادپور ۾ ٿيو جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاسن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڇهه ڪينال اڏڻ سان ملڪي سالميت خطري هيٺ آهي،صدر آصف علي زرداري ڪينالن جي مخالفت وارو ڊرامو بند ڪري. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪينالن جي مخالفت وارو صدر جو بيان عوام جي جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ جي سازش آهي.صدر زرداري وفاقي اڪاين جي نمائندگي ڪرڻ بدران قبضاگيرن جو سھولتڪار بڻيل آهي،ٻئي پاسي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ صدر آصف زرداريءَ جي خطاب تي ردعمل جو اظھار ڪندي چيو آھي ته آصف علي زرداري سنڌ جي ڪينالن خلاف جدوجھد کي ماٺو ڪرڻ جا جتن پيو ڪري ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم کان ويندي ڪئنالن جي منظوري ايوان صدر ڏني انھن جي خاتمي تائين سنڌ پنھنجي جياپي جي جي جنگ جاري رکندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.