مين اسٽريم کان ٻاهر ناڪام سياستدان ڪئنالن تي واويلا پيا ڪن: احسن اقبال

اسلام آباد(م ڊ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ڪڏهن به هڪ طرفو نه ٿي ٿي ڪري سگهي نه وري ڪندي، پ پ اسان جي اتحادي پارٽي آهي، سمورن اهم فيصلن ۾ ان سان مشاورت ڪندا آهيون، هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي پ پ سان مشاورت ڪنداسين ۽ اعتماد ۾ وٺنداسين، پ پ هي مسئلو انڪري اٿاري رهي آهي جو سنڌ ۾ ان مسئلي تي سياست ٿي رهي آهي، سنڌ جي حصي مان هڪ ڦڙو به پنجاب يا ٻيو ڪو صوبو کڻي نه ٿو سگهي، مين اسٽريم کان ٻاهر ناڪام سياستدان ان حوالي سان واويلا ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ ۽ ٻيا هارايل سياستدان هن معاملي کي هروڀرو هاءِ لائيٽ ڪري سياسي زندگيون وٺڻ چاهين ٿا، هن چيو ته سنڌ جي پاڻي ۾ گهٽائتي واري ڳالهه ۾ ڪابه صداقت ناهي، وقت جي گهرج آهي ته پاڻي جي ذخيرن کي بهتر بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.