پ پ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ سنڌوءَ مان ڪئنال نه ڪڍنداسين: وزيراعظم جي بلاول کي خاطري

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهبا شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران وزيراعظم ڪئنالن جي معاملي تي اعليٰ سطحي اجلاس گهرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پ پ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ سنڌو مان ڪئنال نه ڪڍنداسين، پ پ ۽ ن ليگ گڏجي تڪراري مسئلا حل ڪنديون، پ پ وفد چيو ته ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ ۾ سخت ڳڻتي آهي، هڪ طرفا فيصلا وفاق تي سخت دٻاءُ جو سبب بڻجي رهيا آهن، ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف پاران پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو کي افطار ڊنر ڏنو ويو، جنهن ۾ بلاول ڀٽو پيپلز پارٽي جي وفد سميت وزيراعظم هائوس پهچي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، راجا پرويز اشرف، پنجاب جو گورنر سليم حيدر، ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا، ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اجلاس ۾ وفاق کان سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن جي فنڊنگ، صوبي ۾ پاڻي جي ورڇ واري معاملي تي پيپلز پارٽي جي خدشن کان آگاهه ڪيو ۽ حڪومت ٺاهڻ دوران پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ معاهدن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، بلاول ڀٽو حڪومت پاران ڪيل واعدن تي عمل نه ڪرڻ تي به تنقيد ڪئي، ملاقات ۾ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ اقتدار جي حصيداري بابت معاملن تي به غور ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته سنڌو درياءَ مان واهه ڪڍڻ جو منصوبو پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ مڪمل نه ٿيندو. ان حوالي سان جلد اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺايو ويندو، ان حوالي سان اسحاق ڊار کي ٽاسڪ ڏنو ويو، پنجاب جي مسئلن جي حل لاءِ پ پ ۽ ن ليگ ڇنڇر ڏينهن لاهور ۾ ملاقات ڪن، ملاقات ۾ وزيراعظم چئني صوبن ۾ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۽ وفاقي حڪومت سان سهڪار سان عام ماڻهو جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ فعال ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ تي پيپلز پارٽي جي قيادت کي ساراهيو، وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مستقبل کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاق، صوبن ۽ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، پڌرائي موجب پ پ وفد وزيراعظم کي ڪرم ۾ امن امان جي صورتحال ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن بابت خدشن کان به آگاهه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.