داعش ڪمانڊر شريف الله آمريڪا حوالي، سهڪار ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون: ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ )آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دهشت گردي خلاف سهڪار تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪانگريس جي پهرئين ڊگهي خطاب دوران چيو  ته انتهاپسند دهشت گردي خلاف آهيون اڄ اِهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته افغانستان ۾ دهشت گردي جو وڏو ذميوار پڪڙيو ويو آهي، صدر ٽرمپ 2021ع ۾ ڪابل ڌماڪي جي دهشت گرد جي گرفتاري ۾ سهڪار تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڄاڻايل دهشت گرد جي گرفتاري تي هو پاڪستان جو خاص طور تي ٿورائتو آهي، هن چيو ته ساڍا ٽي سال اڳ داعش 13 آمريڪي شهرين کي افغانستان ۾ قتل ڪيو هو، افغانستان ۾ آمريڪن کي قتل ڪندڙ کي آمريڪا آندو پيو وڃي ته جيئن هو آمريڪا ۾ قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي سگهي، ان موقعي تي صدر افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي کي انتهائي شرمناڪ قرار ڏنو، آمريڪي صدر ڪانگريس جي تاريخ جي ڊگهي ترين تقرير ڪئي، جنهن جو وقت هڪ ڪلاڪ 39 منٽ ۽ 31 سيڪنڊ هو جڏهن ته ان کان اڳ 1993ع ۾ صدر بل ڪلنٽن هڪ ڪلاڪ 5 منٽن تائين ڪانگريس کي خطاب ڪيو هو، ٽرمپ اهو به چيو ته جيڪو به ملڪ آمريڪا تي ٽيڪس لڳائيندو اسين ان تي به جوابي ٽيڪس لڳائينداسين، ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ٽرمپ افغانستان ۾ دهشت گردي خلاف ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪيو، جنهن تي اسان سندس ٿورائتا آهيون، هن چيو ته ٽرمپ داعش ڪمانڊر شريف الله جي گرفتاري جي معاملي تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو، هو افغان شهري ۽ هڪ گهربل دهشت گرد آهي، پاڪستان سدائين دهشت گردي جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته اسان دهشت گردي جي هر شڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون ۽ ان ڪوشش ۾ پاڪستان عظيم قربانيون ڏنيون آهن، اسان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا سان ويجهي ڀائيواري جاري رکنداسين، هوڏانهن آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستان سي آءِ اي جي ڏنل معلومات جي بنياد تي داعش جي ڪمانڊر محمد شريف الله کي گرفتار ڪيو جيڪو 2021ع ۾ افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪاليءَ وقت ڪيل دهشت گرد سازش ۾ ملوث هو، 2021ع ۾ ڪابل ايئرپورٽ جي ايبي گيٽ تي دهشت گردي جي ان واقعي ۾ 13 آمريڪي فوجي ۽ 170 افغان شهري ماريا ويا هئا، پرڏيهي ميڊيا موجب، محمد شريف الله داعش جي انهن دهشت گردن جي فهرست ۾ شامل آهي جنهن مبينا طور ان دهشت گردي جي سازش ڪئي هئي، هو دهشت گرد جعفر جي نالي سان به ڄاتو وڃي ٿو، کيس پاڪستاني ڳجهي ايجنسي گرفتار ڪيو هو ۽ هاڻي کيس پاڪستان کان آمريڪا منتقل ڪيو ويو آهي، هڪ آمريڪي اهلڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته 26 آگسٽ تي دهشت گردي جي ان واردات جو شريف الله ئي ماسٽر مائنڊ آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب، صدر ٽرمپ عهدو سنڀاليندي ئي سي آءِ اي ڊائريڪٽر کي هدايت ڏني هئي هو ايبي گيٽ دهشت گردي ۾ ملوث عنصرن کي پڪڙڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري، سي آءِ اي سربراهه عهدو سنڀالڻ جي ٻئي ڏينهن ئي پاڪستان ۾ سينيئر اختيارين سان اِهو معاملو اُٿاريو ۽ پوءِ فيبروري ۾ ٿيل ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ به پاڪستان جي هڪ اعليٰ سيڪيورٽي عهديدار سان ان معاملي تي تي ڳالهايو هو، پر واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ان معاملي جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.