واڌو بجلي آهي ته پوءِ سنڌ لوڊشيڊنگ جو شڪار ڇو آهي؟: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت 2 لکن کان گهٽ آمدني وارن گهرن ۾ سولر هوم سسٽم ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، چيئرمين بلاول ڀٽو گهٽ آمدني وارن گهرن ۾ ورهائڻ لاءِ 3 لک وڌيڪ سولر يونٽ خريد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 2014ع ۾ حڪومت ننگرپارڪر ۾ 600 اسڪولن کي سولر ڪيو ۽ سکر ۾ 25 ميگاواٽ جون ٻه سولر پاور اسڪيمون شروع ڪيون، انهن ڪوششن باوجود وفاق اضافي بجلي جي پيداوار جي منظوري ڏيڻ کان  انڪار ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته پاڪستان وٽ اڳ ئي ڪافي بجلي موجود آهي، وڏي وزير سوال ڪيو ته جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ ڪراچي سميت سڄي سنڌ لوڊشيڊنگ جو شڪار ڇو آهي؟ مسئلو بجلي جي اضافي جو نه پر وفاقي حڪومت جي بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪامي جو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.