ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾21سئوگرام چرس رڪڻ جي ڪيس ۾ سزا جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي جي دوران عدالت جوابدار نيازعلي جي اپيل منظور ڪري بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .جوابدارجي وڪيل چيو ته ملير جي ماڊل عدالت جوابدار کي 10سال جي سزا ۽ 2لک رپيا ڏنڍلڳايو هو ،جوابدار جي خلاف شاهه لطيف ٿائون ۾ ڪيس داخل آهي .پوليس جوابدار کي حسن پنهور ڳوٺ مان گرفتار ڪيو هو .جوابدار کي 2022ع ۾ سزا ملي هئي .
-
دهشت گردي محدود نه رهندي، سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي: گنڊاپور
پشاور( م ڊ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير خبردار ڪيو ته دهشتگردي رڳو ڪي پي ڪي تائين محدود نه رهندي پر سڄي ملڪ تائين پکڙجي ويندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سڄو ڌيان پي ٽي آءِ تي ڏنو ويو ته دهشتگردي وري ڪر کڻي چڪي آهي. اسان جي صوبي کي پئسو نه پيو ڏنو وڃي، حيران آهيان ته وفاقي حڪومت اسان تي سياسي ڪيس ته قائم ڪري رهي آهي پر امن امان جي صورتحال تي ڌيان نه پيو ڏئي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته دهشتگردي ختم ٿي چڪي هئي پر حڪومتي تبديلي ۾ سموري توجه پي ٽي آءِ تي هئي، جنهن سبب هاڻي دهشتگردي پکڙجڻ شروع ٿي وئي آهي.