ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس تسنيم سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ 2014ع کان گم ٿيل شهري سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهن جي گمشدگي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت کنڀي گم ڪيل شهرين جي خاندانن کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته جن شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي ته هو گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن سان رابطو ڪن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شهري نويد اقبال 2014 کان اسٽيل ٽائون پوليس اسٽيشن جي حدن مان گم آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڊي آءِ جي کي سڏائڻ گهرجي، درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽيز هڪ شهري کي کنڀي گم ڪرڻ جو تعين ڪيو ويو آهي، سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته گم ٿيل شهري جي خاندان کي مالي مدد جي سمري پڻ منظور ڪئي وئي آهي، عدالت چيو ته ڊي آءِ جي کي گهرائڻ جو ڪو فائدو ناهي، شهري 8-10 سالن کان گم آهي، عدالت چيو ته معاملو گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، صرف ڪميشن ئي ڪا ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، عدالت گم ٿيل شهري جي خاندان کي مالي مدد مهيا ڪرڻ ۽ ٻن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي، عدالت پوليس جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو .عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ درخواستون اڪلائي ڇڏيون.عدالت ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .
-
آءِ جي سنڌ پاران ٿاڻن ۽ ڪيسن جو رڪارڊ آن لائن ڪرڻ جو حڪم
ڪراچي (رپورٽر)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ پوليس اسٽيشن رڪارڊ مينيجمينٽ سسٽم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته هو پوليس اسٽيشنن تي پوليس ڪارروائي جو مجموعي رڪارڊ آن لائن ڪيو وڃي، آءِ جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ پوليس اسٽيشن رڪارڊ مينيجمينٽ سسٽم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو، سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڊي آءِ جيز، ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن، اسٽيبلشمينٽ، هيڊ ڪوارٽرز، آءِ ٽي، فنانس، انويسٽيگيشن ڪراچي ۽ ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس کي ڊي آءِ جي ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن پاران پوليس اسٽيشن رڪارڊ مينيجمينٽ سسٽم تي ڪيسن جي رجسٽريشن ۽ مانيٽرنگ بابت بريفنگ ڏني وئي، پوليس اسٽيشنن ۾ هاڻي دستاويزي ۽ ڊجيٽل طريقي سان ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ ئي وقت ٻن هنڌن تي ڪيس داخل ٿيڻ سبب غير ضروري دير ٿي رهي آهي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ايف آءِ آر کان شروع ٿيندڙ سمورن ڪيسن جو رڪارڊ ڊيجيٽل ڪيو وڃي، ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن پوليس اسٽيشن رڪارڊ مئنيجمينٽ سسٽم تي ڪيسن جي رجسٽريشن، مانيٽرنگ ۽ اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ذميواري ڪرائيم اينڊ انويسٽگيشن جي آهي.