اسلام آباد(ع آ نيوز) آءِ ايم ايف پاڪستان آڏو روينيو شارٽ فال ۽ رائٽ سيزنگ بابت نوان مطالبا رکيا آهن. تفصيل موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين دوران ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي آفيسرن جا ڊگها اجلاس ٿيا، جنهن ۾ اسلامي بينڪنگ جي قدمن ۽ طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ري فنانس اسڪيم ٽرانزيشن اينڊ ڊولپمينٽ فنانس تي اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته آءِ ايم ايف بينڪنگ لاءِ بينڪ ريزوليوشن فريم ورڪ کي آپريشنلائيزيشن تي غور ڪيو. آءِ ايم ايف جي وفد سان بئنڪنگ سيڪٽر لاءِ خطري جي عنصر کي گهٽائڻ جي قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وفد ڳالهين ۾ پرڏيهي شعبي ۽ موجوده فاریکس مارڪيٽ جو به جائزو ورتو، جڏهن ته مانيٽري پاليسي بابت قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو ته قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وقت تي صحيح انداز ۾ قدم کنيا وڃن. آءِ ايم ايف ايندڙ ٽه ماهي ۾ روينيو شارٽ فال کي پورو ڪرڻ لاءِ پلان طلب ڪيو ۽ ايف بي آر کي چيو ته ڪمپلائنس ريسڪ مينيجمينٽ اينڊ ريسڪ امپروومينٽ پلان تحت قدم کڻي.آءِ ايم ايف وفد کي وڏن شهرن ۾ ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر وڏن پرچون فروشن بابت بريفنگ ڏني وئي، آءِ ايم ايف اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۾ هاءِ رسڪ ڪيسن جي تفصيلن تي ريٽائرمينٽ جي هدايت ڪئي.