ڪڪڙ جو گوشت سرڪاري اگهه تي وڪڻڻ کان انڪار، اڄ هڙتال

ڪراچي(م ڊ) ڪڪڙ جو گوشت وڪرو ڪندڙن دڪاندارن سرڪاري اگهه تي گوشت وڪڻڻ کان انڪار ڪندي اڄ خميس تي  دڪان بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ پولٽري اينڊ ريٽيلر ايسوسيئيشن جي صدر رائو محمد افضال چيو ته پولٽري فارمز سرڪاري ريٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي زنده مرغي 400 رپين بدران 490 رپين ۾ فراهم ڪري رهيا آهن، جڏهن دڪاندارن کي مرغي جو گوشت 780 رپيا في ڪلو پئي ته پوءِ 640 رپين ۾ سرڪاري اگهه تي ڪيئن وڪرو ڪري سگهندا؟ انتظاميه دڪاندارن خلاف هڪ طرفي ڪارروائي ڪري رهي آهي ۽ دڪاندارن تي هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ به لڳايو پيو وڃي، جنهن خلاف اڄ هڙتال ڪنداسين.

  1. حڪومتي دعوائن باوجود مهانگائي برقرار آهي:واپاري اڳواڻ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) مرڪزي آرگنائيزيشن آف ٽريڊمين آف پاڪستان جي صدر محمد ڪاشف چوڌري چيو آهي ته حڪومت  پنهنجي هڪ سال جي ڪارڪردگيءَ جو جشن ملهائي رهي آهي، جڏهن ته ان ڪارڪردگي جا اثر اڄ به عام ماڻهو تائين نه پهچي رهيا آهن، عوام مهانگائي، غربت، لاقانونيت سميت ٻين مسئلن جو شڪار آهي، مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪاشف چوڌري چيو ته 2029ع تائين برآمدات کي 60 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ ۽ 2035ع جي ويزن تحت ملڪ کي ٽريلين ڊالرن جي معيشت بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، اهي دعوائون تڏهن ئي اثرائتو ثابت ٿي سگهن ٿيون جڏهن حقيقي معنيٰ ۾ معاشي دوست پاليسيون ٺاهيون وڃن، هن چيو ته واپارين ۽ صنعتڪارن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، پر هتي ٽيڪسن جي زور تي واپارين جا ڳلو دٻايو پيو وڃي، سياسي عدم استحڪام سبب معاشي استحڪام متاثر ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اندروني سلامتي جا سنگين مسئلا آهن، دهشتگردن ۽ خارجين جي حملن سبب سيڪيورٽي اهلڪارن سميت شهري شهيد ۽ سخت زخمي ٿي رهيا آهن، سينٽرل ٽريڊ آرگنائيزيشن آف پاڪستان جي صدر چيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري معيشت دوست پاليسيون ٺاهڻ گهرجن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.