ڪراچي (رپورٽر)روزاني عوامي آواز جي رپورٽر، ڪراچي پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جي اڳوڻي ميمبر ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي ميمبر ۽ ليکڪ ذولفقار راڄپر کان درخشان ٿاڻي جي حد بدر ڪمرشل مان اڱاري ڏهاڙي جي صبح جو 11هين وڳي جي وچ ڌاري ۾ ٻن موٽرسائيڪل سوارن موبائل فون، ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جن خلاف درخشان ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي وئي، پر ٿاڻي وارن ايف آءِ آر نه ڪٽي ته پهريون جاءِ واردات تان سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا وڃن، پر گذريل ڏينهن شام تائين ٿاڻي وارن سينئير صحافي سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو، ڪراچي يونين آف جنرلسٽ جي صدر مظاهر حسن، امتياز فاران، خورشيد عباسي، جنرل سيڪريٽري لياقت ڪشميري ، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، روزاني عوامي آواز سٿ جي زرار پيرزادو، مدثر سنگراسي، سارنگ زين چانڊيو ۽ ٻين سنڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ، سنڌ پوليس جي آءِ جي ، ڊي آءِ جي سائوٿ کان مطالبو ڪيو آهي ته صحافي ذولفقار راڄپر کان ڦر ٿيل موبائل فون، روڪ رقم واپس ڪرائي ڦورن کي گرفتار ڪيو وڃي.