ڪامريڊ ڄام ساقي جدوجهد جو نالو آهي: ورسي تي ڀيٽا پيش

حيدرآباد(رپورٽر) پورهيت جدوجهد جي عظيم ڪردار ۽ 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي هيرو ڪامريڊ ڄام ساقي جي ستين ورسي جي موقعي تي سندس ساٿين ۽ گهرڀاتين پاران سندس آخري آرامگاهه تي پهچي گلن جي ورکا ڪري چادر چاڙهي وئي. حيدرآباد جي بابن شاهه قبرستان ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي آخري آرامگاهه تي ايندڙ سندس سياسي ۽ نظرياتي ساٿين ۽ گهرڀاتين “تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي، ڄام ساقي، ڄام ساقي” وارا نعرا هڻندي انقلابي گيت جهونگاري کيس ڀيٽا ڏني. ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وقت سندس گهرواري اختر ڄام، ڪامريڊ ڄام ساقي جو ڀاءُ ڊاڪٽر سلطان جنجهي، ڪامريڊ ڄام ساقي جي نياڻي بختاور ڄام، ناميارو صحافي اقبال ملاح، سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر ثمر حيدر جتوئي، پورهيت اڳواڻ وهاب پندراڻي، ڪامريڊ راهول، سينيئر صحافي عبداش پنهور ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سلطان جنجهي ڳالهائيندي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي وڏو ڀاءُ ته هو، پر هو اسان جو ليڊر به هو. ڪامريڊ ڄام ساقي اسان جي سياسي ۽ نظرياتي تربيت به ڪئي. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي شاگرد جدوجهد جي پيدوار هو ۽ هو شاگردن جي جدوجهد ۾ ئي يقين رکندڙ رهيو. وهاب پنڌراڻي چيو ته ڪامريد ڄام ساقي اهو واحد سياستدان هو جنهن جي سمورين سياسي جماعتن جا ڪارڪن عزت ۽ احترام ڪندا هئا، ڪامريڊ ڄام ساقي جڏهن پنڌ لانگ مارچ ڪيو ته اسان کيس جيئي سنڌ کان وٺي سمورين سياسي جماعتن جي ڪارڪنن کي چميو ڏيندي ڏٺو. ڪامريڊ ڄام ساقي جي نياڻي بختاور ڄام چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي کي ٽارچر سيلن ۾ جسماني تشدد ۽ جيل جون سخيتون جهڪائي نه سگهيون. نامياري صحافي اقبال ملاح چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي روادار سياسي اڳواڻ هو، هو مظلوم طبقن ۽ قومن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ سياسي ڪارڪنن کي هڪ هنڌ گڏ ويهارڻ ڄاڻندو هو. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙن سياسي اڳواڻن جي اڄ جي حالتن ۾ سنڌ کي تمام گهڻي ضرورت آهي. سنڌ جي پاڻي، وسيلن ۽ زمينن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. ڪامريڊ راهول چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي سياسي ۽ نظرياتي واٽ تي هلڻ سان ئي ظلم ۽ جبر کان مظلوم طبقن کي نجات ڏياري سگهجي ٿي. سينيئر صحافين عبداش پنهور چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جدوجهد جو نالو آهي، هو عالمي سطح جو سياسي اڳواڻ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.