مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف چيو آهي ته، جڏهن به ملڪ ترقي جي رستي تي چڙھيو آھي. ان کي سياسي بحرانن ۾ ڌڪيو ويو. مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخوا جي عهديدارن سان ملاقات دوران ھن اھي ڳالھيون ڪيون. بيان ان وقت آيو آهي جڏهن اپوزيشن ملڪ ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ۽ انساني حقن جي لتاڙ جا الزام ھڻي رهي آهي.نواز شريف مختصر تبصري ۾ وضاحت نه ڪئي ته ملڪ کي بحران ڏانهن ڪير ڌڪي رهيو آهي ۽ ڇا اڳي بھ انهن عنصرن جمهوري چونڊيل حڪومتن لاءِ بحران پيدا ڪيا هئا. عام تاثر موجب مسلم ليگ (ن) هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ سان ھڪ پيج تي آهي ۽ کيس رياستي طاقت کان ڪو به خطرو ناهي. اڳي چونڊيل حڪومتن ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اختلافن سبب بحران پيدا ٿيندا ھئا.
نواز شريف جي گذريل حڪومت کي پهرين ڊان ليڪس ۽ پوءِ پاناما پيپرز جي ڪري اھڙي صورتحال کي منھن ڏيڻو پيو. جنھن جو اصل سبب نواز شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف هئا. ان بعد عمران خان اسٽيبلشمينٽ پٺڀرائي سان ئي وزيراعظم بڻيو ھو. پر فوجي قيادت هڪ سول اڳواڻ جي سڀني فيصلن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي ۽ اپريل 2022 ۾ بي اعتمادي رٿ ذريعي سندس حڪومت ختم ٿي. ملڪ ۾ ڪنهن کي به شڪ ناهي ته بي اعتمادي رٿ مخالف جماعتن بدران اسٽيبلشمينٽ ڪوشش سان ڪامياب ٿي.پر هن ڀيري سياست ۾ اها صورتحال موجود ناهي. ان جي ابتڙ اقتدار ۾ ويٺل ۽ اقتدار کان ٻاهر سياسي ڌريون ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف جو شڪار آھن. اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪنهن سياسي اڳواڻ يا جماعت جي سهولت لاءِ سياسي بحران جي سبب ڪا تبديلي ڪري سگهجي ٿي؟ جيڪڏهن سياسي اختلافن کي جمهوري عمل سان نٿو ھلائي سگهجي، ته پوءِ جمهوريت جي ڳالھھ ڪئين ڪري سگھجي ٿي ؟ ماضي جي ڀيٽ ۾ ھن وقت سياسي ڌرين ۾ اختلاف ٽڪراءَ جي صورت اختيار ڪري رهيا آهن. هي صورتحال اسٽيبلشمينٽ طرفان حڪومت خلاف سازش جي ابتڙ آھي.
ماضي ۾ نواز شريف به اسٽيبلشمينٽ تي سندس حڪومت خلاف متحرڪ هجڻ جو الزام لڳايو هو. هاڻي عمران خان ساڳيو الزام لڳائي رهيو آهي، پر هن نواز شريف ان تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪوشش ڪري پيو تھ ھاڻوڪي بحران جي ذميواري عمران خان ۽ پي ٽي آءِ تي وجهجي. حڪومت جي ناڪامين لاءِ دليل ڳولي سگھجي يا چونڊ ڌانڌلي جي الزامن کي نظرانداز ڪجي.سياست ۾ ڊگهو وقت گذارڻ باوجود نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) کي ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي. بدقسمتي سان، عمران خان جي مقبوليت کان ڊنل حڪمران جماعت پي ٽي آءِ لاءِ رستو سوڙھو ڪرڻ ۽ جماعت کي ڇڙوڇڙ ڪري پئي.
ان جو هڪ مظاهرو تازو اسلام آباد ۾ ” تحريڪ آئين تحفظ پاڪستان“پاران منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس دوران ڏٺو ويو. قومي ڪانفرنس جو اھتمام مسلم ليگ جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ ھن وقت ”عوام پاڪستان “پارٽي اڳواڻ شاھد خاقان عباسي ۽ پشتون خواملي عوامي جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ڪيو ھو. تحريڪ انصاف کان سواءِ، حڪومت کان ٻاهر اٽڪل سڀني سياسي گروپن ان ۾ حصو ورتو. جڏهن تھ خوف ۾ ورتل مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪوشش ڪئي ته اسلام آباد م انھن کي ڪا جاءِ نھ ملي.ٻن ڏينهن جي اجلاس جي هڪ ڏينهن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، هوٽل انتظاميا ٻئي ڏينهن لاءِ پنهنجو هال نه ڏيڻ تي معافي ورتي. ڇڪتاڻ ۾ ئي سھي ڪانفرنس تھ ٿي وئي. پر حڪومت جي وائڙپ وڌيڪ واضح ٿي وئي. حڪومت کي خود اھڙي ڪانفرنس لاءِ سرڪاري هال مھيا ڪرڻ گهرجي ها. سياسي عمل ۾ وڇوٽيون گهٽائڻ جو ٻيو ڪهڙو طريقو ٿي سگهي ٿو؟حڪومت کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، پر نواز شريف جهڙو قومي اڳواڻ به اپوزيشن جي اهميت کي سمجهڻ کان عاري رھيو.
نوازشريف کي مختصر بيان ڏيڻ بدران قومي سياسي معاملن تي تفصيلي بيان جاري ڪرڻ گهرجي ننڍن جملن ۽ اشارن ۾ ڪيل ڳالھيون عام طور تي مڪمل معنيٰ ڇڏڻ ۾ ناڪام ٿين ٿيون. ان جي باوجود بيان سياسي استحڪام ۽ پاليسين ۾ تسلسل جي ضرورت تي زور ڏئي ٿو، پر اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته جمهوري نظام ۾ استحڪام جي نالي تي آمريت کي مڙھڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ھاڻوڪي حڪومت تي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا سنگين الزامن آھن، جنهن جو جواب ڏيڻ کان مسلسل پاسو ڪيو پيو وڃي تھ وري ٻئي طرف هن حڪومت پي ٽي آءِ کي دٻائڻ ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ لاءِ قانوني ۽ انتظامي طريقا اختيار ڪيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڀلي حڪومت ‘جمهوري ‘ چونڊيل هجڻ جي دعويٰ ڪري، پر اها نمائندي حڪومت جي حيثيت حاصل ڪري نھ ٿي سگھي. جمهوري ڪاميابي لاءِ قانون جو احترام ۽ اختلاف راءِ لاءِ سھپ جو مادو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر شهباز حڪومت ٻنهي بنيادي اصولن کي نظرانداز ڪري رهي آهي ۽ ملڪ ۾ سياسي جبر جو ماحول پيدا ڪيو آهي. بدقسمتي سان، پارٽي جو اڳواڻ هجڻ جي باوجود، نواز شريف ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار ناهي.
نواز شريف ترقي جي سفر ۾ سڀني صوبن جي شموليت تي به زور ڏنو آهي. پر، ڏٺو وڃي تھ سندس ڌيءَ مريم نواز جي حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي هڪ ڪينال رٿا شروع ڪري رهي آهي. جنھن تي سنڌ اندر گھڻي بي چيني آهي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي جي حڪومت به هن عوامي احتجاج کي نظرانداز ڪري رهي آهي، پر جيڪڏهن ٻين صوبن ۾ پيدا ٿيندڙ بي چيني گڏيل رابطن سان ختم نھ ڪئي وئي تھ صوبن ۾ گڏجي رهڻ جي جذبي کي وڌائڻ بدران گهٽائي ايندي.اهڙي طرح خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي صورتحال به سڀني جي سامهون آهي. انهن صوبن ۾ نوجوان اڳواڻ بنيادي حقن لاءِ عوامي طور تي آواز اٿاري رھيا آهن، ته انهن کي رياست لاءِ خطرو قرار ڏئي بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ کان روڪيو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جمهوري يا بين الصوبائي هم آهنگي جو ڪهڙو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو؟
ان دوران ٻن عالمي ادارن پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ بنيادي حقن جي بگڙجندڙ صورتحال ڏانهن اشارو ڪيو آهي. واشنگٽن جي تنظيم ”فريڊم هائوس “ جي سالياني رپورٽ ۾ سياسي حقن ۽ شهري آزادين جي لحاظ کان پاڪستان جي درجا بندي گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٽي درجا گهٽي آهي. هي تنظيم ٻن ڏهاڪن کان دنيا ۾ جمهوريت جي حالت ۽ آزادين کي پيش ايندڙ خطرن جو جائزو وٺي رهي آهي. ساڳئي طرح ”اڪنامسٽ“ جي ڊيموڪريسي انڊيڪس ۾ ڏٺو ويو آهي ته پاڪستان جي جمهوريت جي حيثيت گذريل سال دوران 6 درجا گهٽجي وئي آهي، جنهن ان کي دنيا جي مٿين ڏهن ملڪن ۾ شامل ڪيو آهي جتي جمهوريت ڏکائين جو شڪار آهي. هي انڊيڪس 165 ملڪن ۾ جمهوري لاڙن جو جائزو وٺندي آهي.جنھن ۾ چونڊ عمل، حڪومتي ڪارڪردگي، سياسي سرگرميون ۽ ثقافت، ۽ شهري حقن جي حالت جو جائزو ورتو ويندو آهي. نواز شريف کي پي ٽي آءِ جي سياست تي پريشان ٿيڻ بدران، عالمي ادارن جي جائزن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ حقيقي ترقي ۽ استحڪام جو رستو سڌو ٿي سگهي.
هن وقت حڪومت پاڻ کي افضل ۽ غلطين کان آجو سمجھي ڪري هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ ۽ انهن جي تشھير ۾ مصروف آهي.سياسي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪابينا جي غير ضروري واڌ سان قومي خزاني تي بار وڌو پيو وڃي. 13 نون وزيرن ۽ 11 مملڪتي وزيرن حلف کنيو آھي. ٻئي طرف مخالف ڌريون ڪنهن به سرڪاري عمل کي اعتبا جوڳو نٿي سمجھي. ”تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان “جي نالي سان ٺهيل سياسي اتحاد ۾، تحريڪ انصاف کان علاوه، ڪيتريون ئي سياسي جماعتون آهن جن سان مسلم ليگ (ن) جا ماضي ۾ سياسي لاڳاپا رهيا آهن. اهو سچ آهي ته اھو اتحاد مضبوط ٿيندو ته ملڪ جي سياسي بحران ۾ اضافو ٿيندو، پر ٻئي طرف ڪنهن به سياسي تحريڪ کي جبري حڪمت عملين ذريعي دٻائڻ ممڪن ناهي.
اسلام آباد ڪانفرنس جي آخر ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ‘ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان“وقت کان اڳ چونڊن کي ملڪ جي مسئلن جو حل قرار ڏنو. حڪومت ۾ شامل مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي کي هن هڪ نڪاتي سياسي مطالبي تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي. شايد هي هڪ بهتر ۽ وڌيڪ عزت وارو آپشن آهي جيڪو شڪي چونڊن جي پاڇي مان نڪرڻ لاءِ آهي.