صدر ٽرمپ جو آمراڻو رويو ۽ ٽين عالمي جنگ جو وڌندڙ خطرو

تحرير: سڪندر چنو

تازو برطانيا جي چيف آف جنرل اسٽاف ۽ آرمي چيف جنرل سر پيٽرڪ سينڊرز گذريل سال 27 جنوري تي پنهنجي هڪ تقرير ۾ برطانيا جي موجوده آبادي کي جنگ کان پهريان جو نسل قرار ڏيندي چيو آهي ته هاڻي پنهنجي معاشري کي جنگي بنيادن تي بيهارڻ جي قابل بنائڻ لاءِ تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي. ته پوءِ ڇا ان جي تقرير جنگ جي تيارين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه کي ٽين عالمي جنگ جي اڳڪٿي يا اشارو چئي سگهجي ٿو؟

اڄ کان اٽڪل 850 سال پهريان مشهور صوفي بزرگ حضرت نعمت الله شاهه پنهنجي هڪ قصيدي ۾ ڪجهه اڳڪٿيون ڪيو هيون. جيڪي گهڻي ڀاڱي سچ ثابت  ٿينديون رهيون آهن. ان هڪ اها به اڳڪٿي ڪئي هئي ته ڀارت جيان يورپ جي به تقدير پلٽو کائيندي ۽ ٽين عالمي جنگ ضرور لڳندي. اڳڪٿي طور جيڪي ٻه بيت لکيا ويا آهن انهن ۾ الف جو ذڪر گهڻو ڪيو ويو آهي. الف جو ممڪن طور مطلب آمريڪا ۽ انگلستان طور وڃي ٿو. اڳڪٿي ۾ چيو ويو آهي ته روس انگلستان کي تباهه ڪندو ۽ اهڙو ته يورپ جي ملڪ کي تباهه ڪيو ويندو جو ان جو نالو نشان باقي نه رهندو.

اڳڪٿي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٽين عالمي جنگ ۾ جرمني شڪست کائيندو ۽ پوءِ روس سان وڃي ملندو. ٽين عالمي جنگ ۾ جهنمي هٿيار يعني ايٽمي هٿيار استعمال ڪيا ويندا. روس چين جي قهر ۽ غضب سبب تباهه ٿيندو. چين کان روس فريب وسيلي امان حاصل ڪندي جان بچائيندو. زمر نقوي پنهنجي آرٽيڪل ۾ لکيو آهي ته فال آف شام دنيا کي ٽين عالمي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي. آمريڪا ايران کي وڌيڪ سزا ڏيڻ لاءِ ايران تي خطرناڪ هٿيارن سان حملو ڪري سگهي ٿو. جتان حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿينديون.

ٻئي طرف دنيا روس يوڪرين جنگ کي ختم ڪرائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ٻنهي ملڪن تي دنيا جو دٻاءُ وڌايو ويو آهي پر ڪجهه شرط به رکيا ويندا. روسي صدر ولاد مير پيوٽن ايٽمي جنگ جي صورت ۾ انساني جانين جي حفاظت کي يقيني بنائڻ کان علاوه آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته ايران، يمن، لبنان، اتر ڪوريا، بيلا روس ۽ چين تي جيڪڏهن ڪو حملو ڪيو ويو ته روس اهو حملو پاڻ تي تصور ڪندو ۽ ان تي تمام تڪڙو ۽ تيز رد عمل ڏنو ويندو. ڇاڪاڻ ته روس وٽ انتهائي جديد ۽ تيز ترين نيوڪليئر ميزائل آهن. جيڪي دشمن جي ڪنهن به شهر کي ڪلاڪن ۾ زمين بوس ڪري ڇڏيندا ۽ اتي صرف ميدان ڏسڻ ۾ ايندا

ان کان علاوه لنڊن ۾ رهندڙ عامل يعني هيپوٿرا پسٽ نڪلوس آجولا جو چوڻ آهي ته 2025 ۾ ٽين عالمي جنگ ضرور لڳندي ان جا آثار ظاهر ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن آثارن ۾ سياسي قتل هڪ رواج جي شڪل اختيار ڪري وٺندا. آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ رهندڙ بشپ پادري مار ماري اما نويل جو چوڻ آهي ته ٽين عالمي جنگ وارو وقت انسان ذات لاءِ تمام ڀيانڪ ۽ خوفناڪ هوندو. بس ائين سمجهڻ گهرجي ته قيامت جو ڏينهن برپا ٿيل هوندو. هر ماڻهو پٽيندو ڪٽيندو ۽ رڙيون ڪندو ڊوڙندو رهندو ۽ هر ماڻهو ڏکيو دم پرواز ڪندو.

ڀارت بابت اڳڪٿيون ڪندي مشهوري ماڻيندڙ ڪوشل ڪمار جو به اهو چوڻ آهي ته ٽين عالمي جنگ جلد شروع ٿيندي. ٻئي عالمي جنگ جي پڄاڻي آمريڪا پاران جپان جي شهرن ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ايٽم بم ڪرائڻ سبب تباهه ٿيا. منهنجي ذاتي خيال ۾ ٽين عالمي جنگ جي شروعات ايٽمي هٿيارن سان ٿيندي. جيڪڏهن صبر ۽ تحمل کان ڪم ورتو وڃي ته ٽين عالمي جنگ لڳڻ جا امڪان گهٽجي سگهن ٿا. پر جيئن ته آمريڪي صدر پنهنجي انا ۽ ارڏائي سبب ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو. جنهن کان پوءِ روس آمريڪا سان مقابلي لاءِ ميدان ۾ لهندو ڇاڪاڻ ته ايران روس جي بلاڪ ۾ آهي. ان کان علاوه تازو آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ۾ آمريڪي فوج پاران ڇڏيل هٿيارن جي واپسي لاءِ گهر ڪري رهيو آهي. حالانڪه اهي هٿيار طالبان يا ته گهڻي ڀاڱي وڪرو ڪري ڇڏيا آهن يا پنهنجي استعمال طور آندا آهن ته پوءِ اهي واپس ڪيئن ۽ ڪٿا ڪيا ويندا؟ جيڪڏهن آمريڪي هٿيار واپس نه ٿا ڪيا وڃن ته پوءِ آمريڪا افغانستان تي حملي ڪرڻ کان علاوه امداد به روڪي سگهي ٿو جنهن سان افغانستان ۾ بک، بدحالي وڌندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.