28 فيبروري وارو ڏينهن آمريڪا ۽ يوڪرين جي لاڳاپن جي حوالي سان اھم ھو. وائيٽ هائوس ٻنهي ملڪن جي صدرن جي ملاقات آھستي آھستي تڪرار ۾ بدلجي وئي.اقتدار سنڀالڻ کان وٺي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مختلف وقتن تي يوڪرين بابت سخت موقف ڏسڻ ۾ آيو آهي.فيبروري جي آخر ۾ آمريڪي صدر، يوڪرين ۾ اڻلڀ معدنياتي ذخيرن جي حوالي سان چيو ھو ته جيڪڏهن يوڪرين روس جي خلاف آمريڪي حمايت برقرار رکڻ چاهي ٿو، ته کيس اهي ذخيرا آمريڪا کي ڏيڻ گهرجن.
جواب ۾ يوڪريني صدر ويلاديمير زيلنسڪي چيو ھو تھ، اھا ڪا سنجيده ڳالهه ٻولهه نھ آھي ۽ ھن اھو بھ چيو ھو تھ مان پنهنجو ملڪ وڪرو نٿو ڪري سگهان.ان کان پوءِ ٻنهي صدرن وچ ۾ صورتحال ڪا سٺي نه رهي. ان ھوندي يوڪرين لاءِ آمريڪا اهو ملڪ آهي جيڪو روس سان ھن جي جاري جنگ رکڻ ۾ اهم مدد ڪندو رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ يوڪريني صدر زيلنسڪي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان يوڪرين جي جنگ ۽ معدني معاهدي تي ڳالههائڻ لاءِ وائيٽ هائوس پهتو ھو. وجتي ٿيل تڪرار ھن وقت سڄي دنيا ۾ بحث ھيٺ آھي.
وائيٽ هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات تڏهن خراب ٿي وئي جڏهن يوڪريني صدر معدنيات جي ٺاھ بابت تڪرار ٿي پيو.ميڊيا نمائندن سامهون ٿيندڙ بحث ۾ ماحول تڏھن گرم ٿي ويو. جڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ يوڪريني صدر کي چيو ته "روس سان ٺاھ ڪريو نھ تھ اسان پوئتي هٽي وينداسين.”جواب ۾ يوڪريني صدر چيو ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ‘ڪو به سمجهوتو نه ٿيڻ گهرجي’ ، پر ٽرمپ جو چوڻ ھو تھ ڪيف کي روس سان امن معاهدي تائين پهچڻ لاءِ رعايتون ڏيڻيون پونديون.
ملاقات دوران صدر ٽرمپ صدر زيلنسڪي کي چيو ته توهان جو ملڪ جنگ نه کٽي رهيو آهي، توهان اسان جي ڪري هن جنگ مان نڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان جي فوج وٽ اسان جا ڏنل هٿيار ۽ فوجي سامان نه هجي ها ته هي جنگ ٻن هفتن ۾ ختم ٿي وڃي ها.ان دوران، ٽرمپ زيلنسڪي کي چيو، تھ توھان هڪ ڀيرو به آمريڪا جو شڪريو نھ مڃيو ؟ توهان کي آمريڪا جو شڪرگذار ھجڻ گهرجي، توهان وٽ ڪو به آپشن ناهي، توهان جا ماڻهو مري رهيا آهن، توهان سپاهين جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيو. ٽرمپ زيلنسڪي کي اھو بھ چيو تھ "توهان ٽئين عالمي جنگ جو خطرو کڻي رهيا آهيو، توهان آمريڪا جي توهين ڪري رهيا آهيو.”ان موقعي تي آمريڪي ناب صدر جي ڊي وينس ،زيلنسڪي کي چيو تھ ”توھان جا لفط انتھائي نامناسب آھن“ان موقعي تي زيلنسڪي ھن کان سوال پڇيو تھ ڇا توھان ھڪ ڀيرو بھ يوڪرين جو دورو ڪيو آھي ۽ اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تھ اسان کي ڪھڙي مشڪلات کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.
اوول آفيس ۾ ان ٿيل گوڙ کان اڳ به ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ولاديمير زيلنسڪي جا لاڳاپا سٺا نه هئا.جمعي تي ٻنهي صدرن جي ۾ ٿيل ھي ملاقات زيلنسڪي جي ان بيان جي هڪ هفتي کانپوءِ ٿي رهي آهي جنهن ۾ ھن چيو ھو تھ .ٽرمپ "روس پاران جوڙيل غلط بياني جي دنيا ۾ رهي پيو ” جڏهن ته ٽرمپ جواب ۾ يوڪريني صدر کي ‘ڊڪٽيٽر’ سڏيو. جڏهن ته آمريڪي صدر اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي ته يوڪرين جنگ شروع ڪئي آهي، جيڪو ڪوڙ آهي.
هاڻي جو بائيڊن جي سرپرستي ۾ قائم ٿيل يوڪرين آمريڪا اتحاد ڀڄي ڀور ٿي ويو آھي.هي عوامي سطح تي جنم ورتل ھي بحران هاڻي نيٽو ۾ شامل يورپي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ وچ ۾ ڇڪتاڻ ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي.يوڪرين کان ٻاهر يورپي سيڪيورٽي لاءِ آمريڪا جي ارادن جي باري ۾ ڪافي شڪ ۽ سوال پيدا ٿيا آهن. سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا صدر ٽرمپ پنهنجي پيشرو هيري ٽرومين پاران 1949 ۾ ڪيل واعدو پورو ڪندو ته نيٽو اتحادي تي حملو آمريڪا تي حملو سمجهيو ويندو.
اهي خدشا روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان مضبوط لاڳاپن جي بحالي جي ٽرمپ جي عزم تي ٻڌل آهن.انهن يوڪرين تي سخت دٻاءُ وڌو آهي جڏهن ته پيوٽن کي وڏيون رعايتون ڏنيون آهن. جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾، يوڪرين سان گڏ ٻين يورپي ملڪن کي بھ هاڻي پنهنجي سيڪيورٽي بابت ڳڻتي وٺي وئي آهي.صدر ٽرمپ کي، صدر زيلنسڪي جي روس کي رعايت ڏيڻ کان انڪار ناراض ڪري وڌو آهي.
هي صرف معدنيات جو معاملو نھ آهي. جنهن تي ھن دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪيو. يوڪريني عوام جو خيال آهي ته اهي قومي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن پيوٽن پنهنجن جارحاڻي ارادن کان نھ مڙيو تھ اهو ممڪن آهي ته هو جنگ ختم ڪرڻ ج ڪو بھ واعدو ٽوڙي سگهن ٿا.اهو ئي سبب آهي جو زيلنسڪي بار بار آمريڪا کان سيڪيورٽي ۽ پنهنجي حفاظت جي ضمانت گهري آهي.
ياد رکڻ گهرجي تھ نائب صدر جي ڊي وينس جي وچ ۾ پوڻ بعد ملاقات گوڙ ۾ بدلجي وئي ۽ بي ربط انداز ۾ ختم ٿي.سفارتي مبر موجب شڪ آهن ته هي عوامي تڪرار هڪ سياسي چال هئي يا ته زيلنسڪي کي آمريڪا جي ڳالهه مڃڻ تي مجبور ڪرڻ يا هڪ بحران اھڙو بحران يا ماحول پيدا ڪرڻ، جنهن ۾ اهي اڳتي جيڪو ڪجهه به ٿئي ٿو، ان لاءِ کيس الزام ڏئي سگهجن.اوول آفيس جي ملاقات انتهائي نامناسب انداز ۾ختم ٿي.ھاڻي جيڪڏهن ٽرمپ يوڪرين جي فوجي مدد روڪي ٿو ڇڏي تھ ڇا يوڪرين لاءِ جنگ جاري رکڻ ممڪن ھوندو.ھاڻي سوال ھي آھي تھ يورڪرين ڪيتري اثرائتي ۽ ڪيتري وقت تائين روس جو مقابلو ڪري سگهندو؟هاڻي انهن (يوڪرين جي) يورپي اتحادين تي دٻاءُ ۽ ذميواري ٻيڻي ٿي ويندي ته اهي هن نازڪ صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.