دارالعلوم حقانيھ خودڪش ڌماڪي جو ڇو نشانو بڻيو؟

تحرير: عزيز اللھ خان

خيبر پختونخوا جي نوشهره ضلعي ۾ دارالعلوم حقانيه اڪوڙا خٽڪ ۾ جمعي ڏينهن هڪ خودڪش حملي ۾ جي يو آءِ (ايس ) جي سربراهه ۽ مدرسي جو نائب مھتمم مولانا حامد الحق ڇهن ڄڻن سميت مارجي ويو.آءِ جي پوليس خيبر پختونخواه ذوالفقار حميد  موجب ڌماڪو جمعي نماز کان پوءِ  جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) سميع الحق گروپ جو سربراهه مولانا حامد الحق کي ھدف بڻايو ويو. ڪنهن به تنظيم تاحل حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.

سياسي ۽ مذهبي جماعت جمعيت علماءِ اسلام (س) گروپ جو 57 سالن جو اڳواڻ مولانا حامد الحق، پنهنجي جماعت جو سربراهه ۽ خيبر پختونخواه جي ضلعي نوشهره ۾ مدرسي دارالعلوم حقانيه اڪوڙا خٽڪ جو نائب مھتمم هو. سندس چاچو، مولانا انوارالحق، هن وقت مدرسي دارالعلوم حقانيه جو مھتمم آهي. جيڪو پاڪستان جي دفاع ڪائونسل جو چيئرمين پڻ  رھيو آھي.مولانا حامد الحق  2018 ۾ اسلام آباد ۾ سندس والد مولانا سميع الحق جي قتل کان پوءِ جماعت جو امير مقرر ٿيو هو.مولانا حامد الحق 1968ع ۾ اڪوڙا خٽڪ ۾ پيدا ٿيا ۽ دارالعلوم ۾ مذهبي تعليم حاصل ڪئي.

افغانستان تي آمريڪي حملي کان پوءِ پاڪستان ۾ مذهبي ۽ سياسي جماعتنان قدم جي مخالفت ڪئي  ھئي ۽ 2002ع جي عام چونڊن ۾ اڳوڻي آمر جنرل (ر) پرويز مشرف جي پاليسين جي خلاف هڪ سياسي اتحاد متحده مجلس عمل، ٺاهيو ھو.مذهبي جماعتن  جي هن سياسي اتحاد 2002 جي عام چونڊن ۾ وڏي تعداد ۾ صوبائي ۽ قومي سيٽون کٽيون ۽  خيبر پختونخوا صوبي ۾ حڪومت ٺاهي ھئي.

مولانا حامد الحق 2002ع ۾ متحده مجلس عمل جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهيو ۽ پنهنجي تڪ اڪوڙا خٽڪ مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ھو.هو 2007 تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو. ان کان پوءِ ھوءِ چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو.مولانا حامد الحق کي پنهنجي پيءُ مولانا سميع الحق جي ويجهو سمجهيو ويندو هو ۽ هن کان سياسي طور تي گهڻو ڪجهه سکيو هو. سندس پيءُ هڪ مشهور سياسي ۽ مذهبي شخصيت هو.

حامد الحق ۽ سندس جماعت جا ٻيا ميمبر افغانستان جي طالبان حڪومت سان ڳالهين لاءِ وفدن جو حصو رهيا آهن ۽ تازو ئي صوبائي حڪومت پاران سڏايل مذهبي اڳواڻن ۽ عالمن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ھئي.ان اجلاس  ۾ صوبي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي بحث ٿيو ۽ ان ۾افغانستان سان ڳالهين لاءِ وفدن جي جوڙجڪ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي ھئي.

مدرسي دارالعلوم حقانيه اڪوڙا خٽڪ جي اهميت ڇا آهي؟ خودڪش حملي ۾ نشانو بڻيل دارالعلوم حقانيه اڪوڙا خٽڪ مدرسو پاڪستان جي مدرسن ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو، ۽ مدرسي کي حڪومت جي مختلف دورن ۾ سرڪاري گرانٽ ڏني وئي آهي.هي هڪ اهم تعليمي ادارو آهي جنهن  تعليمي روايت سان گڏوگڏ سياسي طور تي ۽ افغانستان تي سوويت حملي کانپوءِ  عسڪري سطح تي بھ  اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

هي مدرسي جو بنياد مولانا سميع الحق جي والد شيخ الحديث مولانا عبدالحق  پاڪستان ٺهڻ کان هڪ مهيني بعد سيپٽمبر 1947 رکيو هو.هي مدرسو پشاور کان اسلام آباد ويندڙ جي ٽي روڊ تي اڪوڙا خٽڪ ۾ واقع آهي.ماضي ۾ اهو افغانستان کان واپار ۽ آمد و رفت لاءِ هڪ اهم هنڌ رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ماضي ۾ افغانستان کان وڏي تعداد ۾ ماڻهو مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن مدرسي ۾ ايندا رهيا آهن.جامعه دارالعلوم حقانيه کي طالبان جي هڪ يونيورسٽي چيو ويندو آهي جنهن جا پڙھيل شاگرد پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مذهبي سياسي منظرنامي ۽ فوجي تحريڪن ۾ سرگرم ڏٺا ويا آهن.

تازن ڏهاڪن ۾ جڏهن به پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪا سياسي يا فوجي تبديلي آئي آهي تڏھن هن مدرسي جو ڪردار ۽ ان جي سينيئر اڳواڻن جو ڪردار پڻ نمايان رهيو آهي. مدرسو جمعيت علماءِ اسلام (س) جي اڳوڻي سربراهه مولانا سميع الحق جي ڪري به وڌيڪ مشهور آهي ۽ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته مولانا سميع الحق کي عالمي  ميڊيا ۾ ‘باباءِ طالبان’ به سڏيو ويو آهي.دارالعلوم حقانيه جو سياسي اثر ڪيترو رھيو آھي ؟جڏهن آمريڪا 2001 ۾ افغانستان تي حملو ڪيو ته پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيا ويا. انهن ۾ ٻين سياسي جماعتن کان علاوه، مولانا سميع الحق جي جماعت ۽  سندس مدرسي دارالعلوم حقانيه، پڻ پنهنجو آواز بلند ڪيو.ان کان علاوه جڏهن پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ انتهاپسندي وڌي وئي ته حڪومت مولانا سميع الحق کان علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ تشدد جي ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ مدد طلب ڪئي ھئي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جامعه دارالعلوم حقانيه کي فنڊ پڻ جاري ڪيا.

2019  ۾ خيبر پختونخواه  جي صوبائي حڪومت مدرسي کي ٽي ڪروڙ  رپين جي گرانٽ ڏني هئي، جڏهن ته گذريل پي ٽي آءِ حڪومت دوران، وڏي وزير پرويز خٽڪ پڻ هن مدرسي لاءِ هڪ وڏي گرانٽ منظور ڪئي هئي، جنهن تي مخالف ڌر جي پارٽين پاران سخت تنقيد ڪئي وئي هئي. 2021  ۾ افغانستان مان آمريڪي فوجن جي واپسي کان پوءِ جڏهن طالبان ڪابل تي قبضو ڪيو ۽ هڪ عبوري حڪومت جو اعلان ڪيو، تڏهن جامعه دارالعلوم حقانيه اڪوڙا خٽڪ جو نالو به سامهون آيو.ان وقت سيڪيورٽي تجزيه نگار ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر عامر رانا بي بي سي کي ٻڌايو ته جامعه دارالعلوم حقانيه ڪو عام مدرسو نه آھي، پر ان جون پنهنجون روايتون رھيون آھن.جنھن ۾ علمي روايت کان علاوه هن مدرسي جو عسڪريت  پسندي ۽ مذهبي،سياسي تحريڪن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

عامر رانا جو چوڻ ھو ته ھن  مدرسي جو اڃا تائين پاڪستان جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي اثر آھي ۽ هن وقت افغان حڪومت، شوريٰ ۽ ادارن ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي هن مدرسي جا فارغ التحصيل آهن يا هن مدرسي سان ويجها لاڳاپا رکن ٿا.جمعيت علماءِ اسلام (سميع الحق گروپ) جي اڳواڻ ۽ مدرسي جي هڪ سينئر عهديدار مولانا يوسف شاهه 2021 ۾ بي بي سي کي ٻڌايو ھو  ته ماضي ۾ افغان طالبان حڪومت ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو به شامل هئا جيڪي جامعه حقانيه ۾ تعليم حاصل ڪري چڪا هئا.جنھن ۾ اڳوڻو افغان اڳواڻ مولانا جلال الدين حقاني، مولانا يونس خالص، مولانا محمد نبي محمدي ۽ ٻيا شامل آھن ۽ اهي اهي ئي اڳواڻ آهن جن سوويت يونين کي شڪست ڏني.هن چيو ته سندس مدرسي جا پڙھيل  نه رڳو افغانستان ۾ پر پاڪستان ۾ پڻ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ پارليامينٽ ۽ سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ شامل آهن.مدرسي جا ٽي گريجوئيٽ هن وقت افغانستان جي عبوري حڪومت ۾ وزير آهن.

عامر رانا جي مطابق پاڪستان جي رياستي ادارن لاءِ جامعه حقاني انتهائي اهم رھيو آهي ڇاڪاڻ ته ان ذريعي  هڪ اھڙي اثرائتي چينل کي استعمال ڪيو ويندو رھيو آهي،جنھن سان  رياستي پاليسين جي نفاذ ۾ آساني ٿئي ٿي ۽ هي چينل مختلف وقتن تي استعمال ٿيندو رهيو آهي.هن چيو ته اهو به ٿيو آهي ته جڏهن رياستي ادارن جون پاليسيون تبديل ٿيون ته هن مدرسي به انهن پاليسين ۾ ڪردار ادا ڪيو، جيئن پيغام پاڪستان سيريز جو معاملو هو، جنهن ۾ مدرسي پاران جاري ڪيل دهشتگردي خلاف فتويٰ شامل آهي ۽ جامعه حقانيه جي اڳواڻن هن پاليسي کي گڏ کڻي هليا.هن چيو ته هي ادارو رياست سان ڪنهن به تڪرار ۾ نه آيو آهي،وقعن تي مدرسي مان اختلاف راءِ ضرور اڀري آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.