چوڻيون پنهنجي وجود ۾ صدين جي ڏاهپ، سياڻپ ۽ سمجهه سمائي رکن ٿيون جن تي ٿورو به غور ڪرڻ سان سوچ جا ڪيترائي نوان رخ، لاڙ ۽ محور ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سنڌ ٻوليءَ جي اهڙي يئي هڪ چوڻي پنهنجي طور تي هڪ ناياب سنيهي ۽ سمجهه سان ٽمٽار آهي، جيڪا هن ريت آهي، ” نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار“. نوڪري ۽ کيتي پڻ پنهنجي حوالي سان گذر سفر جا ذريعا آهن، پر بيان ڪيل چوڻيءَ جي فڪر موجب واپار هميشه وڌندڙ آهي، ان مان اندازو لڳايئي سگهجي ٿو ته صديون اڳ اسان جي وڏڙن جنهن ڳالهه تي هميشه زور پيئي ڏنو هوندو اها ڳالهه آهي ” واپار“، واپار، مجموعي طور تي سموري دنيا جي معيشت جو بڻ بڻياد، محور ۽ مرڪز آهي، جنهن کان سواءِ هوند نه ته دنيا جو ڪو چرخو هلندو ۽ نه يئي وري ڪو ماڻهو سماجي طور تي زندگيءَ گذاري سگهندو. ” واپار“ اصل ۾ ”معيشت“ جي مجوعي “Dynamics” جو بڻياد آهي. جنهن کي سمجهڻ کان سواءِ نه ته دنيا جي ڪا قوم اڳتي وڌي سگهندي ۽ نه يئي وري دنيا ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي زندگي بهتر بڻائي سگهندو.
اڄ جي دنيا ۾ جيڪي قومون ترقي ڪري رهيون آهن، انهن جي ترقيءَ جو واحد ۽ بنيادي ڪارڻ اهو ئي آهي ته هنن پنهنجي ” معيشت“ طرف ڌيان ڏنو آهي ۽ اها ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو سواءِ معيشت جي ترقي جي نه ته پنهنجي انفرادي زندگي بهتر بڻائي سگهندا ۽ نه يئي وري پنهنجي قومي زندگي کي بهتر نموني ترقي ڪندو ڏسي سگهندا. اڄ جي دور ۾ اهڙي ڳالهه جي عملي شڪل ”چين“ آهي جنهن معيشت جي راز کي سمجهي ورتو آهي ۽ هيٺيئين سطح تي پنهنجي عوام کي پڻ اهو سمجهائي ورتو آهي ته جيڪڏهن هو ”ڪاروبار“ نه ڪندا ته انهن جي زندگيءَ ۾ ايندڙ ترقي سراسري هوندي، نه ڪي خاص، اهم ۽ اعلى، بس انهن جي زندگي بهتر هوندي ان ماڻهو جي ڀيٽ ۾ جيڪو بيروگار آهي. اڄ جي دور ۾ چين دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن جا ڪجهه ”صوبا“ دنيا لاءِ هڪ ”مارڪيٽ“ جي حيثيت رکن ٿا ۽ پرڏيهه ۾ وري چين جا ماڻهو يئي مختلف شعبن ۾ ڪامياب واپاري ٿي اڀري رهيا آهن.
سال 2004 ۾ چين دنيا جي مختلف ملڪن ۾ معيشت جي 10 شعبن ۾ جيڪو مجموعي واپار ڪيو آهي، اهو دنيا جي سمورن ملڪن جي مجموعي واپار جو (67.2) سيڪڙو آهي، ان جو مقصد اهو ٿيندو ته سال 2024 ۾ دنيا جي 150 ملڪن جيڪو برآمدي واپار ڪيو آهي، ( مثال طور اهو 100 روپين جو آهي ته چين ان 100 روپين جي واپار مان اڪيلي سر 67 روپين جو واپار ڪيو آهي) هاڻي ان ڳالهه جو اندازو اوهان پاڻ ئي لڳائي سگهو ٿا ته چين جي معيشت ترقيءَ جي ڪهڙي تي معراج تي هوندي.
چين جي معيشت کي جيڪڏهن 1 آڪٽوبر 1949 جي چين جي عوامي انقلاب کان اڳ جي دور ۾ ڏسنداسين ته معلوم ٿيندو ته چين جي معيشت جو اهو دور پڻ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پهريون دور 221 قبل مسيح کان 19 صديءَ جي شروعات تائين آهي، جڏهن چين جي معيشت زراعت تي ٻڌل هوندي هئي ۽ فوج جي توسيع ۽ ترقيءَ تي ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ ٻيو مرحلو يورپ ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات کان وٺي 1949 ۾ عوامي جمهوريه چين جي قيام تايئين آهي. چين جي معيشت تاريخ جي انهن ٻنهي مرحلن ۾ نه ته صنعتي دور ۾ داخل ٿي ۽ نه يئي وري چين کان ٻاهر نڪري سگهي. چين جي معيشت جي ترقيءَ جو بنيادي سبب ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ آهي، جيڪو عمل 1949 جي چيني انقلاب بعد عمل ۾آيو ۽ چين جي انقلاب بعد واري قيادت چين جي معيشت کي باقي دنيا جي معيشت سان ڳنڍي ڇڏيو، اها الڳ ڳالهه آهي ته چين پنهنجا درواز باقي دنيا لاءِ بند ڪري ڇڏيا، جنهن عمل جو به چين کي تاريخ ۾ هاڪاري فائدو مليو آهي.
وڻج ۽ واپار جي حوالي سان جيڪڏهن سنڌ جي قديم تاريخ جو مطالعو ڪبو ته اسان کي اهڙو ڪو به جامع ڪتاب نه ملندو جيڪو سنڌ جي قديم معيشت کي اجاگر ڪري سگهي، ايتري قدر جو 1947 تايئين جي برصغير جي ورهاڱي تائين به سنڌ جي معيشت متعلق ڪو جامع ڪتاب نه ٿو ملي، ها البت حوالتن ڪجهه ليک ملن ٿا.
نامور محقق ڊاڪٽر ڊبليو. هنٽر لکي ٿو ته موهن جي دڙي جا قديم سنڌي واپاري اپٻيٽ ۽ سويئيز تايئين پهتا هيئا، ميمفس جي ديوارن تي پڻ انهن اوڀر جي قومن جون تصويرون رنگين نمونن سان اُڪريل آهن، جن واپار سانگي اتي بيٺڪون قايئم ڪيون هيون.
مورخن مطابق تور، ماپ ۽ جوتش جو علم (نجوم)، موهن جي دڙي ۽ بابل وارن وٽ هڪ ئي وقت هلندڙ هو. واپار جي ڪري، جتي سنڌ جو اثر سامي تمدن تي پيو. اتي سامي اثر پڻ سنڌ جي تمدن تي پيو هوندو، سنڌ جي سمنڊ واري ڊيلٽايئي پٽيءَ تي ڪيترايئي بندر هيئا، جتان ٻيڙا مال کڻي ويندا هئا. هن دور ۾ واپار جي حوالي سان سنڌو مهرن جو سمير مان ملڻ پڻ هڪ ثابتي آهي ته نه صرف روانگي بلڪ درآمدي واپار (Import-Export) به ٿيندو هو، جنهنڪري سنڌو تهذيب جي معاشي ترقي ٿي.
آرين متعلق محققن جا ٻه عام رايا آهن. هڪ اهو ته آريا ٻاهران آيا ۽ انهن مقامي ماڻهن کي ’ آڻ آريا‘ سڏيو آهي. آريائي دور ۾ به سنڌ جي مالي حالت جو دارومدار گهڻو ڪري زراعت تي هو. زمين کي هر ڏييئي پوکي ڪرڻ جو رواج هو. ويدڪ دور ۾ هتان جي هنرن ڪا نمايان ترقي ڪا نه ڪيئي هئي. زرعي ڪم ڪار لاءِ بيل گاڏيون ضروري هيون، تنهن کان سواءِ جنگي ڪمن لاءِ رٿن جي ضرورت هئي. واڍن جو قدر هو، جيڪي ڦيٿن سان گاڏيون تيار ڪندا هيئا. سنڌ جي بيل گاڏين جو نمونو اڄ به ساڳيو آهي، جيڪو موهن جي دڙي واري تهذيب ۾ رائج هو.برهمڻ ورت جي زماني ۾ سنڌ نهايت زرخيز ملڪ هو. هتي مينهن جام پوندو هو ۽ ڏڪر جو به خطرو رهندو هو. ان زماني جا هَر گهڻا وزندار هيئا، 24 ڍڳا هر ڪاهيندا هيئا. جَوَن، چانورن، تِرن ۽ ڪپهه جي پوک هتي عام جام ٿيندي هيئي. انهيءَ بعد ايراني دور جي شروعات ٿيئي ٿي. ايرانين جي قابض ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي اقتصادي حالت جو جايئزو وٺبو ته سنڌ جون اقتصادي حالتون لڳ ڀڳ ساڳيون هيون، ڇو ته ايرانين سنڌ تي قبضو ان جي اقتصادي خوشحاليءَ کي ڏسي ڪيو هو.
معيشت جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ جو جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل دورن جي حوالي سان جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو انهن سمورن دورن ۾ سنڌ جي معيشت جي گهوتڻو دارو مدار زراعت تي هوندو هو ۽ پرڏيهي واپار ۾ اهڙا اسم شامل هوندا هيا جن ۾ زنگ، زيور، ڪپڙو، جاين جي اڏاوت لاءِ پڪل سرون، اناج، ڪپهه، شراب سميت اهڙا ٻيا به ڪئي اسم شامل هيا جن جي پيداوار جو ذريعو زراعت هئي، انهن سمورن دورن ۾ سنڌ جي معيشت صنعت جي پاسي نه چري آهي ۽ نه ئي وري ڪا صنعتگيريءُ جو چٽو احوال ملي ٿو، پر تنهن هوندي به سنڌ جو انهن اسمن جي آڌار تي جيڪو ڏيهي توڙي پرڏيهي واپار ٿيندو هو اهو سنڌ جي خوشحاليءَ جو سبب بڻبو هو، ان کان سواءِ به تايخ جي هر دور ۾ سنڌ جي معيشت زرعي حوالي سان ايتري ته آسودي هوندي هُئي جو هر ڌارئي جي حملي جو سبب بڻبي هُئي.
ان کان سواءِ به سنڌ جي معيشت جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون هن طرح سان پڻ مطالعي ۾ اينديون رهيون آهن، مثال طور اها ڳالهه مطالعي ۾ ايندي رهي آهي ته دنيا ۾ ڪرنسي ايڪسچيج جو بنياد ٺٽي ۾ ان وقت پيو جڏهن دنيا جي ٻين ملڪن جا واپاري جهاز ٺٽي ايندا ها، ٺٽو تاريخ جي هڪ دور ۾ ڏکڻ ايشيا جو هڪ مشهور واپاري مرڪز پڻ رهيو آهي، اها به هڪ حقيقت آهي ته دنيا ۾ هنڊيءَ جو ڪاروبار سنڌي سيٺن شڪارپور کان ڪيو، جڏهن ته اها ڳالهه به مطالعي جي آهي ته چين جي گاديءَ واري هند بيجنگ ۾ 1935۾ چين جي واپارين سنڌي واپاري ۽ بينڪرز جي خلاف احتجاج ڪيو ته کين چين جي واپار کان پري رکيو وڃي، اها ڳالهه پڻ دلچپسيءَ جو سبب آهي ته سنڌي واپارين ۽ بيڪرز انهيءَ دور ۾ چين جي بينڪنگ سسٽم جو بنياد وڌو ۽ چيڪ جاري ڪئي، جڏهن ته سنڌين جي واپاري ڪوٺين جو ذڪر ملاڪا، اڳوڻي مليشيا، سيلون هاڻي واري سريلنڪا ۾ عام ٿيندو آهي.جڏهن ته موجوده دور ۾ ملائيشيا، انڊو نيشيا، ٿائيلينڊ، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۾ سنڌي گهراڻن جون واپاري سرگرميون شاندار نموني هلندڙ آهن، انهن سنڌي گهراڻن مان اڪثر سنڌ گهراڻا ورهاڱي کان اڳ انهن ملڪن ڏانهن لڏي ويل هيا، جڏهن ته ورهاڱي بعد به هزارن جي انگ ۾ سنڌي گهراڻا انهن ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا ۽ پنهنجي ڪاروبار شروع ڪيائون.
1947 تائين سنڌ جي معيشت پنهنجي وت ۽ وس آهر ايتري ته خوشحال هُئي جو ان معيشت سنڌ جي ميٽروپوليٽن شهر ۽ ان اربنائيشن کي جنم ڏنو ۽ ان وقت جي سنڌي واپارين پنهنجو ڪاروبار ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شاندار نموني ڪيو جنهن جا اثر ان وقت جي سنڌ جي شهرن خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور تي ڏسي سگهجن ٿا، معيشت جي حوالي سان سنڌ 1947 واري دور تائين جيڪا ترقي ڪئي اها انفرادي طور تي ڪاروباري گهراڻن ۽ ماڻهن جي حيثيت ۾ ڪئي، نه ڪي مجموعي طور تي سنڌ حڪومت جي ڪوششن جي حوالي سان، اهڙو الميو اڃان جاري آهي، جڏهن ته سنڌ جي معيشت تاريخ ۾ پنهنجي زوال جي بدترين سطح تي پهتل آهي جو سنڌ جا 70 سيڪڙو گهراڻا ٻه وقتن جي ماني کائڻ لاءِ آزرتا آهن، سنڌ پنهنجي سموري تاريخ ۾ معيشت جي حوالي سان جيترو خوشحال رهي آهي 1947 بعد سنڌ پنهنجي معيشت جي حوالي سان اوترو کي بدحال آهي، سوال هي ته اهڙو صورتحال ۾ آخر ڪار ڇا ٿيڻ گهرجي؟.
معاشي حوالي سان ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو راز انهيءَ ڳالهه ۾ سمايل آهي ته اها قوم جا فرد ڪيتري قدر پيداواري ۽ واپاري سرگرمين ۾ سرگرم آهن، سنڌ جي سماجي زندگيءَ ۾ 1980 کان 1990 وارو ڏهاڪو انتهائي اهم رهيو آهي جو ان دور ۾ سنڌي سماج سياسي طور تي سرگرم رهي سماجي طور تي تبديل ٿيو آهي، انهيءَ ڏهاڪي ۾ لکن جي انگ ۾ سنڌي پهريون دفعو پنهنجن ڳوٺن ۽ ننڍڙن شهرن کان ڪراچيءَ جو رخ ڪيو ۽ سماجي زندگي تبديل ڪئي، شهر ڪاروبار لاءِ آهن ۽ ڪاروبار ترڪيءَ جو بنياد ذريعو آهن، هن وقت جي سنڌ، تاريخ جي اهڙي دور مان گذري رهي آهي جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌين پنهنجي ميٽروپوليٽن شهر جي معيشت مان حصو پتي کڻن شروع ڪيو آهي، جنهن ڪافي ڌرين کي چيڙائي ڇڏيو آهي.
ڇا، سنڌ معاشي طور تي تبديل ٿي رهي آهي، اهو اهڙو سوال آهي جيڪو سنڌ جي ايندڙ دور جي بيهڪ جو تعين ڪري سگهندو، ۽ سنڌ جي اهڙي معاشي تبديليءَ جي تحرڪ طور تي سنڌ ۾ ڳچ مهينن کان عبدالحميد ابڙو صاحب جون ڪوششون نظر اچي رهيون آهن، پاڻ اتم کيتيءَ جي حوالي سان ڪراچي شهر ۾ سبزين جو ڪاروبار شروع ڪيو اٿن جيڪو آبادگارن سان شراڪتي بنيادن تي آهي، پاڻ هاڻي ٺٽي ۽ بدين جي آبادگارن لاءِ ڪيچ اپ فيڪٽر لڳائي اٿن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ آئل ملز جو سيٽ اپ پڻ ڪري رهيا آهن، ڪجهه مهينا اڳ تائين آمريڪا سفر تي اسهيل هيا ۽ اتي جي سنڌي برادريءَ سان سنڌ ۾ واپار متعلق ڪافي ڪچهريون پڻ ڪيو اٿن ۽ هن وقت وچ اوڀر جي دوري تي آهن جتي پڻ سنڌي برادريءَ سان واپار متعلق ڳالهيون ڪيون اٿن، عبدالحميد ابڙو منهنجي معلومات موجب ٽيڪس کاتي ۾ سرڪاري ملازم رهي چڪو آهي پر هن وقت مجموعي طور تي سنڌ جي معيشت لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي جيڪي ذڪر لائق آهي.
مان اڪثر ڪري دوستن کي چوندو آهيان ته ڪجهه ماڻهو سنڌ جي خدمت سياسي طور تي ڪري رهيا آهن، ڪجهه سماجي طور تي ۽ ڪجهه وري ادبي ۽ علمي حوالي سان سنڌ جي خدمت ڪري رهيا آهن، پر ڇا اقتصادي ۽ معاشي شعبي ۾ سنڌ جي خدمت نه ٿي ڪري سگهجي، جيڪڏهن عبدالحميد ابڙو صاحب سنڌ جي خدمت اقتصادي ۽ معاشي طور تي ڪري رهيو آهي ته ان جس لهڻو ۽ اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته جيڪڏهن سندس ڪوششن سان سنڌ جي معيشت جي ڪا “Dynamics” جڙي وئي ته هوند سنڌ جي معيشت ۾ ضرور ڪا تبديلي ايندي، جنهن جي اميد ڪري سگهجي ٿي.