مسجد الحرام جي زائرين لاءِ 56 لک افطار پيڪيٽن جو انتظام

رياض (ويب ڊيسڪ) حرمين شريفين انتظاميا رمضان المبارڪ مهيني دوران زائرين جي آجيان لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا.
انتظاميا طرفان رمضان المبارڪ دوران مسجد الحرام جي زائرين لاءِ 56 لک افطار پيڪيٽن جو انتظام ڪيو ويو آهي.
انتظاميا زائرين لاءِ لائٽس جو به انتظام ڪيو آهي، جڏهن ته 236 جاين تي نمازين لاءِ 194 لفٽون ۽ 9 هزار کان وڌيڪ وضو خانا به تيار ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.