اعتراف جرم

تحرير: احمد خان جمالي

حڪومت جي پنهنجي رڪارڊ مطابق چولستان جي بنجر ۽ غير آباد  لکين ايڪڙ زمين جي لاءِ پاڻي جي گنجائش يا دستيابي جو گهربل سرٽيفڪيٽ هڪ سال اڳ، ارسا کان ان وقت ورتو ويو جڏهن ملڪ تي هٿ ٺوڪيل، اهڙي عارضي، نگران حڪومت ، برسر اقتدار هئي جنهن جو آئين ۽ قانون مطابق، ميڊيٽ صرف عام چونڊون ڪرائي، اقتدار چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪرڻ تائين محدود آهي.  پر

ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪن، پنهنجي اڳواٽ رٿيل ايجنڊا تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ نگران حڪومت کي قومي مفاد جي لاءِ فيصلا ڪرڻ جا اختيار ان وقت جي 16 مهينن واري 13 جماعتن تي مشتمل شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ آئين ۾ ترميمون ڪرائي ڏنا ويا هئا.

. ” قومي مفاد ” جي آڙ ۾  مبهم ترميمون ڪرائي صرف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ مختصر عرصي ۽ محدود ميڊيٽ واري نگران حڪومت کان، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ زمين ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدارن، منافع خور ڪمپنين ۽ غير متعلق رياستي ادارن جي حوالي ڪرڻ، سالهاسالن کان آباد، سيراب ۽ ڪاشت ٿيندڙ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن جي پاڻي جو رخ موڙڻ، انهن آباد ٿيندڙ زمينن کي پاڻي کان محروم ڪري تباهه، برباد ۽ بنجر بنائي، اربين رپين جي بجيٽ سان  ڪئنال ڪڍڻ جا منصوبا رٿڻ ۽ انهن جي منظوري نگران حڪومت کان وٺڻ جو عمل بذات خود ، حڪمرانن جي طرفان ” اعتراف گناهه ۽ اعتراف جرم ” آهي ۽ حڪومت جي بدنيتي جو ثبوت آهي ته ” جيڪو  ڪجهه ڪيو پيو وڃي، اهو قومي مفادن جي ابتڙ آهي ".

جيڪي به زمينون، ملڪ جي جنهن به حصي ۾ موجود آهن ۽ اڃا تائين ڪنهن کي به الاٽ نه ڪيون ويون آهن، انهن زمينن تي پهريون ۽ بنيادي آئيني، قانوني، روايتي ۽ اخلاقي حق اتان جي مقامي بي زمين باشندن جو آهي.  اهي زمينون سرڪار جي ملڪيت نه، هرگز نه آهن پر سرڪار وٽ، اتان جي بي زمين رهواسين جي ” امانت”آهن.  جهڙي طرح سنڌ جي انهن امانتن جا مالڪ ٻيا ڪير به نه پر اتان جا مقامي بي زمين باشندا  يا ڪڙمي ڪٽنب آهن، اهڙي طرح، چولستان جي لکين ايڪڙ غير آباد زمينن جا مالڪ،

ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدار، مالدار ڪمپنين جا مالڪ يا رياستي ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار، نه، هرگز نه، پر چولستان جا  مقامي مالوند، مال مويشي پاليندڙ ، باراني فصل پوکيندڙ هاري، ڳوٺاڻا ۽

بي زمين ڪٽنب ئي آهن.

پر جيئن ته پاڻي سري کان دستياب ئي نه آهي ۽ نه ئي سسٽم ۾ پاڻي جي ڪا معمولي گنجائش ئي آهي بلڪ اها ته سڀني صوبائي حڪومتن ، وفاقي حڪومت ، ارسا ۽ آبپاشي جي ملڪ گير ماهرن جي طرفان مڃيل ۽ بار بار اعتراف ٿيندڙ حقيقت آهي ته،سڄي ملڪ ۾ نه صرف زراعت جي لاءِ پاڻي جي شديد کوٽ آهي پر سڄي ملڪ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن، خاص طور ڪراچي جي شهرين جي لاءِ پاڻي جي فراهمي هڪ اهم بحران جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي . انهن حالتن ۾ ” قومي مفاد ” جي گمراهه ڪندڙ نعري جي آڙ ۾ سنڌ، چولستان سميت سرائڪي وسيب بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختون خواہ جي بي زمين هارين، ڳوٺاڻن، پورهيتن، مالوند مارو خاندانن، ڪاشتڪارن، ننڍن زميندارن، کاتيدارن، مقاطعيدارن ۽ شهرين جي بنيادي حقن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ هنن جا مسئلا حل ڪرڻ جي بدران مخصوص طبقي ۽ مخصوص ڪاروباري مائينڊ سيٽ کي مسلط ڪرڻ ۽ نوازڻ جهڙن عوام دشمن، انسان دشمن ۽ تباهه ڪندڙ منصوبن کي فوري طور تي منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.