ڄام ساقي جي مظلوم طبقي لاءِ ڪيل تاريخي جدوجهد

تحرير: خالده منير

جڏهن پرھ پنھنجا پاند پکيڙي انڌيري جي خاتمي جو اعلان ڪندي مرڪندو ھجي ۽ سوجھرو هر طرف ڦلهجي رهيو ھجي، پکي پکڻ صبح جي نويد ڏيڻ لاءِ تنواري رهيا ھجن، اھڙو ماحول ڪيڏو نه روح کي راحت ڏيندڙ ھوندو ۽ اھي ڪيڏا نه وڻندڙ لمحا هوندا آهن جڏهن انسان توڙي پکي پکڻ سجاڳ ٿي ھڪ نئين ڏينھن جو سفر شروع ڪندا آهن. ٺيڪ اھڙي ئي ماحول ۽ مھل ۾ ٿرپارڪر جي ريگستاني علائقي ۾ واري جي وڏين وڏين واري جي ڀٽن ۾ گھيريل صحرائي ڳوٺ جي هڪ چونري مان 13 آڪٽوبر 1944ع تي پرھ ڦٽيءَ مهل هڪ ٻار جو پنهنجي اچڻ جي اعلان طور پهرين رڙ جو آواز صبح جي سوجهري ۽ پکين جي تنوار سان گڏ ٻارڙي کي جنم ڏيندڙ ماءُ جا پيدائشي عمل دوران مليل سمورا سور سڪون ۾ بدلائي ڇڏيا ۽ ان ٻارڙي جو اچڻ ڪيڏو نه سڀاويڪ ھو جو ان ڏينهن سڄي ٿر بر جي هر گهر جي چانئٺ تي ڏياري جا ڏيئا ٻري اونداهي کي روشن روشن ۽ جڳ مڳ ڪري رھيا ھئا.

مون جڏهن هن جي جنم جي ساعت ۽ ان مهيني جي نسبت سان ڏياري جي تهوار جي روشن ڏيئن جو اتفاق بابت ٻڌو ته مونکي سنڌي جي چوڻي ته "ھر ٻار جي پيدائش ھڪ نياپو ھوندو آھي ته خدا ھن دنيا مان مايوس ناھي ٿيو” ذهن تي تري آئي. ڪنهن سوچيو هو ته هي ٿر جي ريگستاني علائقي ۾ پليل ٻار، جنهن جي چوگرد بکيا ڏکيا ۽ ڏڪارن جا سٽيل ماڻهو، نه کٽندڙ صحرا ۾ ساھ کڻندڙ ساھ وارا جن جي جياپي جو سبب صرف مينهن جي مند هجي، جتي جي ماڻهن جا هٿ سدائين دعا لاءِ کنيل هجن، جن جو اکيون آسمان ۾ ڪڪرن کي ايئن ڳولينديون هجن جيئن گهر جي اڱڻ ۾ کٽ تي ليٽيل نوجوان ڇوڪري چنڊ کي تڪيندي تصور ۾ پنهنجي محبوب جو چھرو چنڊ ۾ ڳولهيندي هجي، جت جيئڻ جو وسيلو صرف برسات جو پاڻي هجي، جتي جا ماڻھو ڪڪرن کي پنهنجو پالڻهار سمجهندا آهن. انهن ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته باک ڦٽي جو چونئري ۾ جنھن نئين ٻار جي آمد ٿي آهي اهو ٻار اڳتي هلي نه صرف اسان جو آواز ٿيندو پر هو سموري دنيا جي مظلوم پورهيت، مزدور، هاري ۽ سمورن پيڙهيل طبقن جو سگهارو آواز ٿي دنيا جي گولي تي تاريخ بڻجي ويندو، اهڙي چيخ ٿي اڀرندو جو سرمائيدارن، ڀوتارن، استحصالي قوتن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندو. هي ٻار اڳتي هلي تاريخ جو نه مٽجندڙ ڪردار بڻجي ويندو، جنهن جي ڄمڻ کان اڳ سندس ناني پنهنجي ڌي کي دعا ڏيندي هئي ته توکي اهڙو پٽ ڄمندو جنهن جو نالو دنيا ۾ روشن سج جيان چمڪندو. ڪنھن ٿي ڄاتو ته سندس ناني جي دعا ايئن اگھبي ۽ ھي ٻارڙو محمد ڄام پٽ محمد سچل جنجھي اڳتي دنيا جي پيڙھيل طبقن جو اڳواڻ ڄام ساقي جي نالي سان وقت جي جابر حڪمرانن جي مٿي جو سُور ٿي پوندو.

ننڍپڻ ۾ ھو ڳوٺ جي ٻارن سان گڏ اٽي ڏڪر، ونجهھ وٽي، لڪ لڪوٽي سميت ٿر جون رانديون ڪندو هو. گهر جو پهريون ٻار ٻالڪپڻ ۾ فوت ٿي وڃڻ بعد ٻيو ٻار هجڻ سبب سڄي گهر جو دادلو هجڻ ڪري طبيعت ۾ ضدي هوندو هو، پنهنجي هر ضد مڃائي ويندو هو، هڪ دفعو ڳوٺ ۾ ھڪ شادي ۾ شرڪت لاءِ پنھنجي ڏاڏي سان گڏ ويو واپسي ۾ اڌ پنڌ تي پهچي پنهنجي ڏاڏي کي چيائين ته اوهان مون کي هنج تي ڇو نه کڻي آيا؟ واپس شادي واري گهر هلي مون کي ان گهر کان هنج تي کڻي اچ. ڏاڏي جي ريجهائڻ سان به همراھ نه مڃيو نيٺ سندس ڏاڏي واپس ان ڪاڄ واري گهر ۾ وڃي اتان کان هن کي هنج کڻي پنهجي گهر آئي. جستجو ننڍڙي عمر ۾ منجهس ايتري هئي جو هن پنھنجي پاڻ ھمت ڪري ھڪ کوھ پڻ کوٽيو، جنهن کوھ ۾ خير پاڻي ته نه آيو جو ٿر جي ڀٽن ۾ تمام گهڻا اونها کوھ کوٽڻ سان پاڻي ايندو آهي پر هن کوھ کوٽڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي هئي.

اڄ جنهن ٻار جو ذڪر ڪري رهي آهيان اهو ٻار ڪو عام ٻار نه پر ٿر ۾ تعليم ۽ قرباني جي حوالي سان ھڪ مثالي ڪردار سچل جنجهي جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ عظيم شخصيت جنهن کي دنيا ڄام ساقي جي نالي سان سڃاڻي ٿي. ھن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جنجھي مان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد ويو، جتي هن تعليم سان گڏوگڏ سياست ۾ به دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، جيئن ته ننڍپڻ م هو ٿرپارڪر سميت سنڌ جي ٻين علائقن جي عام ماڻهن جي مسئلن کان واقف ٿي چڪو هو، جنهن سبب هن سماجي ناانصافين خلاف جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو. تعليم دوران هو سياسي سرگرمين ۾ شامل ٿي ويو جنهن اڳتي هلي کيس انقلابي سياستدان بڻائي ڇڏيو، 1960ع ۾ شاگرد فيڊريشن جو سرگرم ميمبر بڻيو، 1967ع جڏهن ايوب خان جي آمريت خلاف جيڪا تحريڪ هلي ته ڄام ساقي ان تحريڪ جو اهم حصو بڻيو. جڏهن هو ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل تڏهن سندس سياسي سرگرميون تمام گهڻيون تيز هيون. جنهن بعد کيس سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ۽ ڪيترائي سال فوجي ۽ سول ادارن وٽ ناپسنديده ۽ باغي ڏوھاري سمجھيو ويندڙ رھيو. جنهن دوران هيءُ ڪڏهن روپوشي، ڪڏهن گرفتاري، ڪڏهن عدالتن ۽ جيلن جي عتاب هيٺ رهيو. سندس روپوشيءَ دوران سمري ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ٻين الزامن هيٺ مٿس سمري ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي کيس هڪ سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.

10 جنوري 1972ع تي روپوشي ختم ڪري نيشنل عوامي پارٽي ’نعپ‘ جي مرڪزي اڳواڻن سيد باقر شاهه ۽ غلام محمد لغاريءَ جي پريس ڪانفرنس ۾ ظاهر ٿيو. جنهن کانپوءِ کيس سکر مان گرفتار ڪيو ويو، سندس ملاقات تي ڳچ عرصي تائين پابندي رهي. جيل ۾ قيدين کي پڙهائڻ ۽ جيل جي فيڪٽريءَ ۾ پورهيو ڪرڻ سبب سندس سزا گهٽ ٿي ۽ کيس پهرين نومبر 1972ع تي آزاد ڪيو ويو. هن تي 73-1972ع ۾ بغاوت جو ڪيس مڙهيو ويو. جنهن دؤران هن ماهوار ٽي اخبارون جاري ڪيون، جن ۾ سنڌ مان ’هلچل‘ (سنڌيءَ ۾) ۽ ’سرخ پرچم‘ (اردو ۾) ۽ بلوچستان مان ’جدوجهد‘ (اردو) شامل هيون. انهن مان ٻه اخبارون: ’سرخ پرچم‘، ’جدوجهد‘ 1980ع تائين جاري رهيون، جن جو پاڻ ايڊيٽر هو. فوج ۽ پوليس ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو ۽ 1986ع تائين کيس مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. جنهن کانپوءِ حيدرآباد سينٽرل جيل مان بيماريءَ جي حالت ۾ ڪڍي جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو.

هيءُ سنڌ ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ طور اڀريو ۽ زندگي جي آخري گھڙين تائين سياست سان سلهاڙيل رهيو. ھن جون سياسي وابستگيون ۽ همدرديون مختلف پارٽين سان رهيون، جن ۾ 1964ع کان 1991ع تائين ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي قيادت ڪئي، جڏهن ته سوويت يونين ٽٽڻ کان ڪجھه سال پوءِ هو (1994ع) پيپلز پارٽيءَ جو باقاعده ميمبر ٿيو ۽ جولاءِ 1994ع کان نومبر 1996ع تائين سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاھ جو جبري پورهئي وارن مامرن بابت صلاحڪار پڻ رهيو. پورھيت ۽ پيڙھيل طبقن جو ھي سگھارو ڪردار پنج مارچ 2018 ۾ ھي دنيا ڇڏي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.