سنڌو درياهه سنڌ لاءِ جيون جو اهڃاڻ سمجھيو ويندو آھي. وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل سرسبز پاڪستان منصوبو سنڌ لاءِ هڪ خطرناڪ منصوبو آھي ڇاڪاڻ جو ان منصوبي جي تحت سنڌو دريا مان ڇھه نوا ڪئنال ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. سموري سنڌ ۾ ان اعلان کانپوءِ ڳڻتيءَ جي فضا ڇائنجي وئي آھي. سنڌواسين جي اعتراض جو بنيادي ۽ اھم سبب سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آھي. پاڻيءَ جي کوٽ جي سبب سنڌ جا ساحلي پٽيءَ وارا علائقا اڳ ئي بُري طرح متاثر آھن. اتان جي دريائي جيوت تباھي جو شڪار آھي ۽ ڪيترن ئي ساحلي علائقن ۾ اڳ موجود تمر جا ٻيلا ختم ٿي چڪا آھن.
نه صرف اھو پر پاڻيءَ جي کوٽ سبب جَر پڻ کارا ٿي چڪا آھن.ٻيو اھم سبب ماحولياتي توازن جو آھي. آبپاشي نظام جي ماھرن موجب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کي اڳ ئي 14 ايم.اي.ايف پاڻيءَ جي کوٽ درپيش آھي جنھن سبب انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي زندگي خطري ۾ پيل آھي. انڊس ڊيلٽا سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو جنھن ڪري سنڌو تي وڌيڪ ڪئنالن جي تعمير ھاڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿي.
نصير ميمڻ موجب چولستان ڪئنال سنڌ لاءِ سڀني کان وڌيڪ نقصانڪار آھي جيڪو (ٿَل ڪئنال سميت) 6.6 ملين ايڪڙ زمين جي ايراضي کي سيراب ڪرڻ جو ذميوار آھي. سندس مطابق چولستان ڪئنال جي ڪيپيسٽي 400 ڪيوسڪ آھي. ھن منصوبي جي پھرين فيز ۾ ئي چولستان جي ريگستان جي 452000 ايڪڙ زمين جي آبپاشي ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو ويو آھي. ٻئي فيز ۾ وڌيڪ 744،000 ايڪڙ زمين کي سيراب ڪيو ويندو. ايڏي وڏي ايراضيءَ جي آبپاشي ڪرڻ ڪھڙيءَ ريت ممڪن آھي؟ جڏھن ته ھن وقت سسٽم ۾ سرپلس پاڻي به موجود ناھي. 1976 کان 1999 تائين سنڌو درياهه جو وھڪرو 40 ايم.اي ايف ھئو پر 1999 کان 2024 تائين رڳو ڪوٽڙي بئراج ۾ ئي 14 ايم.اي.ايف تائين گھٽتائي ٿي چڪي آھي. تمام صورتحال کي سامھون رکندي ايتري وڏي منصوبي جي افتتاح يقينن ڳڻتي جو باعث آھي جڏھن اسين اڳ ئي 35 ايم.اي.ايف پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون.
ھڪ اھم مسئلو سنڌ جي زرعي نظام جي متاثر ٿيڻ جو به آھي. سنڌ جا ھاري اڳ ئي پاڻيءَ کوٽ سبب نقصان کي برداشت ڪري رھيا آھن. پاڻيءَ جي مناسب فراهميءَ جي بغير ڪپھه، چانور، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ممڪن ئي ناھي. فصلن جي تباهي صوبائي توڙي ملڪي معيشت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي.
ھزارين ايڪڙ زرخيز زمينن جو بنجر ٿيڻ ھڪ وڏو خطرو آھي، جنھن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. حڪومت کي گھرجي ته ھن مسئلي تي نظرثاني ڪري متبادل منصوبا جوڙيا وڃن، ڇاڪاڻ ته اڳ ئي ھي ھڪ حساس مسئلو بڻجي چڪو آھي. ان ڳالهھ کي نه وسارڻ گھرجي ته پاڻي ھر جيوت جو بنيادي حق آھي. سنڌو درياهه ئي سنڌ ۾ زندگيءَ جي بقا جو ضامن آھي جنھن تي سڀ کان اڳ سنڌ ۽ سنڌ واسين جو حق آھي.
ھزارين ايڪڙ زرخيز زمينن جو بنجر ٿيڻ ھڪ وڏو خطرو آھي، جنھن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. حڪومت کي گھرجي ته ھن مسئلي تي نظرثاني ڪري متبادل منصوبا جوڙيا وڃن، ڇاڪاڻ ته اڳ ئي ھي ھڪ حساس مسئلو بڻجي چڪو آھي. ان ڳالهھ کي نه وسارڻ گھرجي ته پاڻي ھر جيوت جو بنيادي حق آھي. سنڌو درياهه ئي سنڌ ۾ زندگيءَ جي بقا جو ضامن آھي جنھن تي سڀ کان اڳ سنڌ ۽ سنڌ واسين جو حق آھي.