28 جنوري کان جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) پاران سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي، تڪراري ڪئنالن، گرين پاڪستان منصوبي، ڌاري آبادڪاري ۽ جبري گمشدگين خلاف سکر کان ڪراچي تائين پنڌ مارچ شروع ڪيو ويو جيڪو اٽڪل ستاويهه ڏينهن بعد پنهنجي آخري منزل يعني ڪراچي پريس ڪلب پهتو. جتي هڪ وڏي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو. گذريل آچر واري ڏينهن جڏهن پيادل مارچ بلوچ پل وٽان شروع ٿيو، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا، جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو شامل هجڻ سان گڏ سوين عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو پڻ جهجهو انگ پنڌ ڪندي ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪندي نظر آيو. پيادل مارچ جڏهن ايف ٽي سي وٽ پهتو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ٽينڪرز بيهاري سندن راهه ۾ رنڊڪ وڌي ۽ ماڻهو اڳتي وڌڻ جو ڪو چارو نه ڏسي لاچار ٿي اتي ئي روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ته پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا فائر ڪيا، جيڪي ٻارڙن ۽ عورتن جي هجوم وٽ ڪريا، جنهن سبب ٻارڙن ۽ عورتن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ۽ ريلي منتشر ٿيڻ لڳي، ڪجهه ماڻهن ريلي تي شيلنگ ڪندڙ پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ ڪرڻ شروع ڪيو، پر قيادت کين پُرامن رهڻ جي تاڪيد ڪئي ۽ هو شانت ٿي ويا.
سکر مان نڪتل مارچ ذري گهٽ سڄي سنڌ جهاڳي، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي پهتو، پر ڪٿي به نه ڪنهن کي پٿر لڳو ۽ نه ئي ڪنهن گاڏيءَ جو ڪو شيشو وغيره ٽٽو. جڏهن ته ڄاڻايل مارچ جو اڳ ۾ ئي جيڪو روٽ طئي ٿيل هو، اهو ان تي ئي هلندو رهيو، ان لاءِ ان مارچ تي شيلنگ ڪرڻ ۽ سندن رستا روڪ ڪرڻ جو ڪوبه جواز نه هو.جڏهن ته اهي جيڪي مطالبا کڻي نڪتا هئا، اسان انهن کي جائز ان لاءِ به سمجهون ٿا ته ان ۾ ملڪ جي بهتري، سلامتي ۽ خوشحالي سلهاڙيل آهي. اسان جي ملڪ ۾ ننڍن قومن جي حق تلفي، قدرتي وسيلا، پاڻي ۽ زمينون ڦٻائڻ وارو زيادتي ۽ ناانصافي تي ٻڌل لاڙو به ملڪي تاريخ جيترو ئي پراڻو آهي، جنهن سبب قومن ۾ جيڪا تفاوت پيدا ٿي، اها هاڻ وڌي بحراني ٿي چڪي آهي. هڪ صوبي ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي محض صوبائيت جي بنياد تي ماريو وڃي ٿو. جيڪو عمل ظاهر ڪري ٿو ته هي ملڪ هاڻ سچ ۾ ان نازڪ موڙ تي اچي بيٺو آهي، جتي سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ٿو. پر هتان جو طاقتور طبقو معاملي جي سنگيني کي سمجهڻ جي بدران پنهنجي پراڻي روش اختيار ڪيون پيو اچي. جڏهن ته حالتن جي تقاضا اها آهي ته پاڪستان ۾ موجود مڙني مونجهارن ۽ مسئلن جو حل محض ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته جيئن باهه کي باهه سان اُجهائي نٿو سگهجي، تيئن تشدد سان تشدد کي ختم ڪري نٿو سگهجي، جيئن جو مثال اسان جو اکين اڳيان آهي، ته ملڪ ۾ پُرتشدد ڪارروايون گهٽجڻ جي بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن.
جيتوڻيڪ تڪراري منصوبن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ پنجاب ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ چوويهه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ان جي ٻئي ڏينهن تي ڊيراموڙ ڪشمور ۾ صنعان خان جي قيادت ۾ پڻ ڌرڻو هنيو ويو ، ساڳئي ڏينهن تي ڪنڌڪوٽ، سڪرنڊ، مٺي، سجاول، حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين مختلف شهرن ۾ مختلف سياسي پارٽين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو سکر مان نڪتل پيادل مارچ پنهنجي آخري منزل تي پهتو. پر وفاقي حڪومت تڪراري منصوبن کي رد ڪرڻ جي بدران پنهنجي هوڏ تي اٽل آهي. جيڪا سنڌ جي هزارين ماڻهن جو آواز ٻڌڻ لاءِ تيار ته ناهي پر ستم ظريفي اها آهي ته تڪراري ڪئنالن خلاف پُرامن جدوجهد ڪندڙ سياسي ڪارڪنن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. اسلم خيرپوري، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ نواز خان زنئور سميت 500 کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن. ان کان اڳي ارباب ڀيل تي پڻ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ سبب کيس گرفتار ڪري مٿس دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
هي غير جمهوري رويو ۽ آمراڻو عمل آهي، جنهن جي اسان ڀرپور نندا ڪريون ٿا ۽ اسين اهو سمجهون ٿا ته سياسي ڪارڪنن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري کين سياسي رستي تان هٽائي تخريبي سرگرمين ڏانهن مائل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن سياسي ڪارڪن ڪنهن به تڪراري منصوبي خلاف احتجاج ڪن ٿا ته اهو سندن حق آهي ۽ اهو حق کين جمهوريت مُهيا ڪري ٿي.
ملڪ ۾ دهشتگردي هونئن به چوٽ چڙهيل آهي، جيڪا روز ڪيئي ڳڀرو جوانن جون زندگيون ڳڙڪائيندي پئي وڃي، ان لاءِ ملڪ ۾ سياسي ڪارڪن پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي ڳالهه مٿي پهچائڻ لاءِ پرامن طريقي سان سياسي يعني احتجاج رستو وارو اختيار ڪن، پر اسان وٽ گنگا ئي ابتي وهندي نظر اچي رهي آهي ته سياسي ڪارڪنن کي زبردستي دهشتگرد بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن جا نتيجا نه ته جمهوريت، نه ئي عوام ۽ ملڪ لاءِ. چڱا ثابت ٿيندا تنهن ڪري بنا ڪنهن دير جي سياسي ڪارڪنن تي داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ انهن لاءِ سياسي ميدان صاف ڇڏيو وڃي.