ڪراچي ۾ ڊارڪ ويب تان گهرايل منشيات وڪري جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) ساحر حسن کي جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو. جڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت جاچ اختيارين جي درخواست تي جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي ۽ حڪم ڏنو ته جوابدار کي اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هوڏانهن ذريعن موجب جاچ دوران هڪ عالمي منشيات جي چين جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جاچ اختيارين موجب، مصطفيٰ عامر، ساحر حسن ۽ عثمان سواتي ڪراچي ۾ منشيات جا وڏا ڊيلر هئا، مصطفيٰ قتل ٿي ويو، عثمان سواتي حادثي ۾ فوت ٿي ويو، ساحر حسن اڪيلو منشيات جو ڪاروباري ڪري رهيو هو. اسلام آباد ۾ هڪ شخص ڊارڪ ويب ذريعي منشيات جو آرڊر ڏيندو هو، جڏهن ته عالمي ڪارٽيل جي منشيات لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڪنسائنمينٽ ذريعي لوڊ ڪئي ويندي هئي، اها ڪوريئر ڪمپنين ذريعي ڪراچي پهچائي ويندي هئي.

ارمغان مخبري جو الزام هڻي راڊ سان تشدد ڪيو: زوما

ڪراچي (م ڊ) مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ ارمغان جي تشدد ۾ زخمي ناري زوما پوليس کي بيان ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب هن اي وي سي  سي پوليس کي بيان ڏنو. هن چيو ته ارمغان ليپ ٽاپ جي بهاني ۾ ڪمري ۾ گهرايو ۽ تشدد جو نشانو بڻايو، هن چيو ته ڪال سينٽر بابت مون مخبري ڪئي آهي، هن راڊ سان تشدد ڪيو ته رت وهي پيو، ان دوران شيراز اچي ويو ۽ هن کيس تشدد کان روڪيو ۽ مون کي نجي اسپتال نيو ويو. زوما موجب ارمغان رستي ۾ ننڍو ڪيس ڪري بند ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ گهر ويندي قتل جي به ڪوشش ڪئي، خانگي اسپتال انتظاميا کي زخمي ٿيڻ جي ڪوڙي رپورٽ لکرائي.

پٽ جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ زندگي جو مشن آهي: وجيهه عامر

ڪراچي (م ڊ) مقتول مصطفيٰ عامر جي ماءُ وجيهه عامر چيو ته مصطفيٰ کي انصاف ڏيارڻ زندگي جو مشن آهي. ارمغان لاءِ  ڦاهي ننڍي هوندي، اهڙي جانور کي ٻاهر نه اچڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن هو آزاد ٿي ويو ته اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندو، عوام مصطفيٰ لاءِ آواز اٿاري، منهنجو پٽ منشيات فروش نه هو.

ارمغان جي گهران هٿ آيل رائفل اسرائيلي نڪتي!

ڪراچي (م ڊ) جاچ ذريعن موجب مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ارمغان جي گهر مان هٿ آيل رائفل اسرائيلي نڪتي، سندس گهر مان 3 هٿيار مليا هئا جن کي ايف ايس ايل لاءِ موڪليو ويو هو. جاچ ٽيم کي مليل هٿيار اوزي اسرائيل جو ٺهيل آهي، ڪروڙين رپين جي هٿيارن جا لائسنس هيل تائين  پيش نه ڪيا ويا.  هوڏانهن 23 سالن جي مقتول مصطفيٰ عامر جي ڪٽنب آچر تي سندس تدفين ڪئي.

مقتول مصطفيٰ عامر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر) منشيات جي خاتمي واري عدالت جنوري ۾ قتل ٿيل مصطفيٰ عامر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 27 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مصطفيٰ خلاف 2024 ۾ ڪورنگي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. اي اين ايف چيو ته مقتول مصطفيٰ عامر ڪوريئر ذريعي منشيات موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ڪمپني ۾ تيمور جو نالو لکرايو هو. نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو جو جاچ آفيسر مصطفيٰ جي قتل بابت عدالت کي آگاهه ڪندو.

اداڪار جي پٽ ايليٽ ڪلاس  جي12 گراهڪن جا نالا وٺي ڇڏيا

ڪراچي (م ڊ) گرفتار ٿيل اداڪار ساجد حسن جي پٽ، ساحر حسن، بابت جاچ رپورٽ سامهون اچي وئي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته هو بازل ۽ يحييٰ کان 1200 گرام منشيات 4 کان 5 لک رپين ۾ خريد ڪندو هو ۽ ان کي 10 هزار رپيا في گرام جي حساب سان وڪرو ڪندو هو. ساحر حسن پنهنجي گهران ئي اهو ڪم ڪندو هو رقم جي ڏيتي ليتي لاءِ هو پنهنجي پيءُ جي مينيجر مڪرم جو اڪائونٽ استعمال ڪندو هو. جاچ دوران خبر پئي ته جوابدار ارمغان به هر هفتي يا ٻئي هفتي 1400 گرام منشيات ساحر کان وٺندو هو. منشيات جو سمورو ڪاروبار اسنيپ چيٽ ذريعي هلايو ويندو هو، ساحر وڏين ڪاروباري شخصيتن، سياستدانن ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم ماڻهن جا نالا به کنيا. جاچ دوران هن 12 سئو کان وڌيڪ گراهڪن جي نشاندهي ڪئي. ساحر پنهنجي بيان ۾ انڪشاف ڪيو ته هو 5 سالن کان ماڊلنگ ۽ 13 سالن کان ويڊ جو نشو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته گذريل 2 سالن کان منشيات وڪرو ڪرڻ ۾ به ملوث هو. امڪان آهي ته هن نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل وڌيڪ نالا به سامهون ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.