سيالڪوٽ(م ڊ)بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته جنهن ملڪ جو دانشور طبقو بي ايمان هوندو ان ملڪ جو مستقبل ڇا هوندو، تاريخ ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي، درسي ڪتابن ۾ تاريخ کي مسخ ڪيو ويو آهي، حلف ته کنيو ويو پر ان تي عمل نه ڪيو ويو،سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي،80ع جي ڏهاڪي ۾ اسان جي تاريخ مسخ ڪئي وئي،مرڊر آف هسٽري نالي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته نصابي ڪتابن ۾ تاريخ ڪيتري غلط لکي وئي،خواجا آصف چيو ته 80ع جي ڏهاڪي ۾ اسان جي اصل تاريخ مسخ ڪئي وئي، اسان افغان جنگ کي جهاد چيو جيڪو جهاد نه هو، اڄ 6 لک افغان هتي ويٺا آهن، اسان تاريخ بدلائي، هيروز کي تبديل ڪيو، اسان جي قوم جي اصل سڃاڻپ گم ٿي وئي آهي.