شيخ حسينا جو تختو اونڌو ڪندڙ شاگردن پاران پنهنجي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو

ڍاڪا ( م ڊ ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي حڪومت جو خاتمو آڻيندڙ شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بنگلاديش جي شاگرد تحريڪ جنهن گذريل سال شيخ حسينا واجد جي ڊگهي حڪومت جو خاتمو  ڪيو، جنهن جو نالو ’اسٽوڊنٽس اگينسٽ ڊسڪريمينيشن‘ جو نالو ڏنو ويو هو، هاڻي هو هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهن، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب شاگرد تحريڪ جا اڳواڻ اربع تي پنهنجي نئين پارٽي جو اعلان ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ايس اي ڊي جي اڳواڻ ۽ عبوري حڪومت جي صلاحڪار ناهيد اسلام کي نئين پارٽي جو ڪنوينر مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.