انتهاپسنديءَ جي روڪ ٿام لاءِ اپاءَ وٺي صنفي بنياد تي فرق ختم ڪيو وڃي:ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ عورت وڪيلن جو اتحاد طرفان ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٻيو سنڌ ناري ڏينهن ملهايو ويو، عورتن جي قتل، تشدد، معاشري ۾ وڌندڙ انتها پسندي، ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل جي موضوع تي  ويهڪون ڪيون ويون. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي چيئر پرسن ڊاڪٽر شيرين ناريجو ڳالهائيندي چيو ته سرڪاري نصاب ۾ انتها پسندي کي وڌائڻ واريون اوڻايون نه آهن، اهو ڪم سبق پيش ڪندڙپڙهائيندڙ ڪجهه فرد ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن اسان ڪٽنب جي يونٽ کي بهتر رکنداسين ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد نوڪر پيشه نه ٿيڻ بڻائي ان کي شعور حاصل ڪرڻ جو ذريعو بنائينداسين ته معاشري ۾ هر قسم جي انتها پسندي کي روڪي سگهنداسين، عورت وڪيلن جي اتحاد جي اڳواڻ شازيه نظاماڻي چيو ته عورت پنهنجي گهرن ۾ به تشدد ۽ قتل ٿيڻ کان محفوظ نه آهن، گهريلو تشدد ڪنهن ڪٽنب جو مسئلو نه پر سماجي ڏوھ آهي، عورتن تي هر قسم جو تشدد به انتهاپسندي ۽ دهشتگردي آهي، اسان جي سماج ۾ عورت کي ملڪيت مان حق ۽ زمين جا مالڪاڻا حق نه ٿا ڏنا وڃن، ڪافي سالن بعد سنڌو درياهه تي سنڌي فلم ٺاهيندڙ راهول اعجاز چيو ته هن کي سنڌو درياهه ۾ هڪ خوبصورت عورت نظر اچي ٿي، جنهن ڪري هن جو درياهه سان عشق ٿي ويو ۽ هن ان تي فلم ٺاهي عالمي فلمي ميلن ۾ ايوارڊ به حاصل ڪيا آهن ۽ هن جي فلم شاعرانه هجڻ کان سواءِ پنهنجون 5 ڪهاڻيون پيش ڪري ٿي، روبينه چانڊيو چيو ته عورت تي جنس جي بنياد تي تشدد ڪرڻ هڪ سماجي نفسياتي بيماري آهي ۽ دارلامان به عورتن لاءِ محفوظ نه آهن، يسرا آخوند چيو بظاهر پڙهيل لکيل ۽ مهذب نظر ايندڙ گهراڻن ۾ به عورتن تي تشدد ٿئي ٿو ته هو هڪ پڙهيل لکيل گهراڻي جي پڙهيل لکيل ڇوڪري آهي، هن مٿان هن جي مڙس ۽ ساهورن ايترو ته تشدد ڪيو ۽ هن جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي ۽ هن مجبورن پنهنجي والدين جي مدد سان طلاق وٺي سڪون حاصل ڪيو آهي ۽ ڪيتريون زمين ۾ دفن ٿيل عورتن جون ڪهاڻيون اڌوريون رهجي ويون آهن، جن کي وسارڻ نه گهرجي، ڊاڪٽر سدرا احمد چيو ته  عورتون گهرن ۾ صنفي فرق، خوراڪ جي کوٽ، ننڍي عمر جي شادين ۽ ڪيترن ئي صحت جي مسئلن جو شڪار رهن ٿيون ۽ اهابه عورتن تي تشدد جي هڪ شڪل آهي، جنهن ڪري عورتون نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿين ٿيون، پاڪستان فشر فوڪ جي اڳواڻ ياسمين شاهه چيو ته سنڌو درياهه جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهي هن جي محبوب سمنڊ سان ملڻ کان روڪيو ويو آهي، 6 ڪئنال ڪڍڻ سان باقي بچيل انڊس ڊيلٽا، مهاڻن جو روزگار ۽ هڪ منفرد ثقافت ختم ٿي ويندي، اسان جي حڪمرانن اول ئي سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ڪري ان کي سوين زخم ڏنا آهن، دادو جوهي گهوٽڪي مان نڪرندڙ تيل ۽ مقامي ماڻهن ان مان فائدو نه ملڻ جو حساب ڪتاب ورتو وڃي، ان موقعي تي وڪيل ماروي ڪلهوڙو، ليلا زبيري، ايم پي اي ياسمين شاهه، وڪيل فخر امام، شهيلا زرداري، فهميده رياض ۽ ٻين مختلف موضوعن جي ويهڪن ۾ حصو وٺندي چيو ته عورتن تي تشدد خلاف موجود قانونن تي عمل ڪيو وڃي،سماج ۾ موجود انتهاپسنديءَ جي روڪٿام لاءِ اپاءَ ورتا وڃن،صنفي بنياد تي فرق جو خاتمو ڪيو وڃي. ان تقريب ۾ شائل کوسو، رفعت ٻرڙو، نجمه مهيشوري، شوڪت ڪورائي، رياض سهيل کي مائي جندو ايوارڊ ڏنا ويا،آخر ۾  لوڪ سهرا ۽  ٿيٽر پيش ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.