رپورٽن موجب ارسا سنڌ جي خدشن کي رد ڪندي تڪراري چولستان منصوبي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي فراهم ڪرڻ جي سال اڳ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سيڪريٽري ارسا پاران پنجاب حڪومت کي هڪ سال اڳ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفيڪيٽ منظر تي اچي ويو آهي اها منظوري 17 جنوري 2024 تي ڏني وئي وئي هئي. ارسا جي سيڪريٽري خالد ادريس رانا پنجاب حڪومت کي پاڻي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو جنهن جي ارسا اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ پاڻي ماهر احسان لغاريءَ مخالفت ڪئي. ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاريءَ پنهنجي اعتراض ۾ چيو هو ته چولستان منصوبي لاءِ پاڻي جي فراهمي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ سنڌ سان ناانصافي آهي، ان سان سنڌو درياهه جو پاڻي گهٽ ٿيندو. ارسا جي سنڌ جي ميمبر چيو آهي ته سرٽيفڪيٽ ۾ جنهن پاڻي جي دستيابي جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو پاڻي صرف ستلج درياهه جو نه آهي. سليمانڪي هيڊروڪس وٽان سي جي لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌ جي حصي جو پاڻي کنيو ويندو آهي جنهن تي سنڌ هميشه اعتراض ڪيا آهن احسان لغاري صاحب جو چوڻ آهي ته اجلاس بابت جيڪو سرٽيفڪيٽ سامهون آيو آهي ان ۾ سنڌ جا واضح اعتراض شامل آهن ۽ سنڌ ان سرٽيفڪيٽ خلاف ۽ پاڻي منصوبي بابت سي سي آءِ ۾ ويل آهي جيستائين سي سي آءِ ڪو فيصلو نه ٿي ڪري ان وقت تائين ڪئنال تي ڪم شروع ڪرڻ غير قانوني هوندو. هوڏانهن سنڌ جي آبادگار تنظيمن ارسا پاران چولستان منصوبي جي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي جي منظوري ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ارسا جو وڌيڪ قائم رهڻ ڪنهن وڏي بحران جو سبب بڻجندو. تنهن ڪري ارسا کي ختم ڪري نئين باڊي جوڙي وڃي جنهن ۾ صوبن جي نمائندن کي ويٽو پاور هجن ته جيئن پاڻي جي ڪنهن به مسئلي تي جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي ڪو اعتراض هجي ته اهو اعتراض ختم ٿيڻ تائين ڪو فيصلو نه ٿي سگهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻي نه هجڻ باوجود چولستان کي آباد ڪرڻ جو مطلب ٻين جو پاڻي کڻڻ آهي. ٻئي پاسي سنڌ جون سياسي جماعتون خاص ڪري قوم پرست جماعتون پڻ سنڌو درياهه مان ڇهن ڪئنالن ڪڍڻ وارن منصوبن تي سراپا احتجاج آهن. سڄي سنڌ روڊن تي آهي. هر پاسي کان لانگ مارچ ۽ ڌرڻا آهن.
هاڻي سوال اهو آهي ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت جي سڀ کان وڏي اتحادي جماعت پ پ به ڇهن ڪئنالن جي منصوبن جي بظاهر خلاف آهي، پاڻي جي ورڇ جي اٿارٽي ارسا ۾ به سنڌ جو نمائندو ۽ پاڻي جو ماهر احسان لغاري به سراپا احتجاج آهي، سنڌ جون سياسي جماعتون به ڇهن ڪئنالن خلاف لانگ مارچ ڪندي نظر اچي رهيون آهن ته آخر وفاق ۽ ارسا چاهي ڇا ٿو؟ اسان ان جو جواب نه ڏينداسين پر ملڪ جو تاريخي پس منظر، ننڍن صوبن سان هر دور ۾ زيادتيون، پاڻي جي معاهدن جون هر دور واريون ڀڃڪڙيون گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿيون. پاڻ ئي ٻڌائين ٿيون. ڇا وفاق ان پسمنظر جي روشني ۾ پنهنجي اصلاح نه ڪندو، بظاهر ان جي اصلاح جو ڪو ارادو نه ٿو ڏسجي جنهن تي حيرت جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن وفاق جو ڇهن ڪئنالن واري منصوبي تي ضد برقرار رهيو، ارسا ۾ پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه ٿو لهي ۽ هيڏانهن سنڌ به زندگي ۽ موت جي مسئلي تي سراپا احتجاج ٿي ڪري ته پوءِ هي معاملو ڪٿي دنگ ڪندو، ملڪي سلامتي جو ڇا ٿيندو؟
افسوس ته ملڪي سلامتي جي علامت بڻيل وفاق صرف ۽ صرف ملڪ جي هڪ وڏي صوبي جي مفادن کي ئي ملڪي مفاد سمجهڻ جي بار بار غلطي ڪري رهيو آهي جنهن سان وفاق ڪمزور ئي ٿي رهيو آهي. ننڍا صوبا لاڳيتو ۽ تاريخي طور تي نظرانداز ٿي رهيا آهن جنهن سبب ننڍن صوبن ۾ ڪاوڙ جو عنصر بغاوت جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو آهي. بلوچستان جو عوام ته 80 سيڪڙو لاتعلق ٿي چڪو آهي، سنڌ ۾ به هر دور ۾ قومپرست جماعتن مسئلي جو حل سنڌ جي موجوده سيٽ اپ مان نجات کي ڄاڻايو آهي پر پوءِ به وفاق کي ڪا ڳڻتي نظر نه ٿي اچي جنهن تي تشويش ئي ڪري سگهجي ٿي.
هن وقت يا اهڙي صورتحال ۾ پ پ کي گهرجي ته اها وفاقي جماعت هئڻ ناتي وفاق جي بقا لاءِ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري ۽ موجوده مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت توڙي اسٽيبلشمينٽ کي سمجهائي يا انهن کا پڇي ته آخر اوهان وفاق کي ڇو ڪمزور ڪري رهيا آهيو ۽ ننڍن صوبن کي ڇو نظر انداز ڪري انهن کي بيزار ڪري رهيا آهيو. جڏهن ته اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته وفاق کي ملڪي سلامتي لاءِ جيڪو گهربل ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي سو ادا نه ٿي رهيو آهي. وفاق کي ملڪي ملڪي سلامتي لاءِ ننڍن صوبن جي حقن جو اوليتي بنيادن تي جيڪو خيال ڪرڻ گهرجي سو نه ٿو ڪيو وڃي. تنهن ڪري صورت حال ڪجهه هن شعر جهڙي آهي ته ” پائي ڪانَ ڪمان ۾، ميان مار م مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي. “
سو پاڻي جي ئي رڳو معاملي کي ڏسجي ته سنڌ ڏانهن ميري اک رکڻ ۽ ان کي نشانو بڻائڻ جو مجموعي طور تي سڄي ملڪ کي نقصان رسندو. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملندو ته سمنڊ اڳتي اچي ڪري پهرين سنڌ پوءِ پنجاب جي آباد زمين کي غيرآباد ۽ کارو ڪري ڇڏيندو تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪي مفاد ۾ تعصب کان هٽي ڪري زميني حقيقتن کي ڏسي ڪري فيصلا ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ سڀ ڪجهه نيست ۽ نابود ٿي ويندو.