اسلام آباد/ لاهور(م ڊ) صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتل آهي، صدر ٽن ڏينهن جي دوري دوران اهم ملاقاتون ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جو امڪان آهي، جنهن ۾ حڪمران اتحادين وچ ۾ پاور شيئرنگ فارمولي، اپوزيشن اتحاد جي چرپر، چيف جسٽس سان ملاقاتن سميت ٻين سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، صدر زرداري رات پيپلز پارٽي ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود جي ڊنر ۾ شرڪت ڪئي، ڊنر ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، گورنر پنجاب سليم حيدر ۽ پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا، ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ قيادت ۽ استحڪام بابت 5هين عالمي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته گڏيل ترقي لاءِ مستحڪم دنيا اڻٽر آهي، جامع ۽ پائيدار ترقي لاءِ ملڪن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي، وچ ايشيائي ملڪن کي گڏيل ترقي لاءِ گوادر بندرگاهه مان فائدو کڻڻ گهرجي، صدر چيو ته دنيا معاشي، ماحولياتي، سيڪيورٽي، غلط ڄاڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون جي ضرورت آهي، قيادت جي ذميواري آهي ته هو تعاون جا موقعا پيدا ڪري.