غلام مرتضيٰ جتوئي جي نارا جيل ۾ طبيعت خراب، سول اسپتال داخل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدر آباد جي نارا جيل ۾ قيد اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي ڪالھه صبح جو نارا  جيل اندر اوچتو طبعيت خراب ٿي وئي، جيل جي ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو ۽ دل ۾ تڪليف جي تصديق ڪئي، جنھن بعد کيس اين آءِ سي وي ڊي اسپتال قاسم آباد رفر ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو ۽ بعد کيس سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، جتي رات دير تائين سندس علاج ھلندڙ هو، غلام مرتضيٰ جتوئي جي طبعيت خراب ھئڻ جي خبر جيئن ئي وارثن کي ملي ته سندس گھر واري نوين جتوئي،  پٽ راضي خان جتوئي، زين جتوئي، ڀاءُ عاقب جتوئي، ڊاڪٽر ھادي بخش جتوئي، ڀينرون ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ سول اسپتال گڏ ٿي ويو، جڏھن ته پوليس نفري دير سان پھچڻ سبب مرتضيٰ جتوئي کي دير اسپتال نيو ويو، کيس سول اسپتال جي دل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آھي، ڊاڪٽر ڪاشف جي نگراني ۾ سندس علاج هلندڙ هو، ڊاڪٽرن موجب غلام مرتضيٰ جتوئي جو بلڊ پريشر وڌيل آھي، کيس انڊر آبزرويشن رکيو ويو آھي ۽ ھن جون مختلف ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن.

  • غلام مرتضيٰ جتوئي جي رمانڊ جي استدعا رد، رٽائرڊ تپيدار ۽ اي سي آزاد ڪرڻ جو حڪم

سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) اڳوڻي وزيراعظم غلام مصطفيٰٰ جتوئي جي پٽ ۽ اڳوڻي ايم اين اي غلام مرتضيٰٰ جتوئي، رٽائرڊ تپيدار اعجاز لغاري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر زين العابدين چنو خلاف مورو ميونسپل ڪميٽي جي ٻن پلاٽن ۾ مبينا خرد برد جي ڪيس جي ٻڌڻي سکر جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن پوليس جوابدارن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي، غلام مرتضیٰ جتوئي جي وڪيلن فاروق جتوئي ۽ قربان بلوچ موقف اختيار ڪيو ته لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ اڳ ئي غلام مرتضيٰ جتوئي گرفتاري ۽ ڪيس داخل  ڪرڻ کان روڪيو آهي، ان باوجود کيس گرفتار ڪرڻ توهين عدالت آهي. ٻئي طرف، ٻين ٻن جوابدارن جي وڪيلن دليل ڏنا ته هي ڪيس اڳ ئي سول ڪورٽ ۾ هلي رهيو هو، جتي ميونسپل ڪميٽي پنهنجو موقف واضح ڪري چڪي هئي ته سندن پلاٽ سان واسطو ناهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدارن کي ڪيس مان آجو ڪرڻ واريون درخواستون منظور ڪيون ۽ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

  • اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون حڪومت کي ڳچيءَ ۾ پونديون:اسدڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي اسدالله ڀٽو چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ سنڌ ۾ڌاڙيل راڄ سميت ملڪ کي درپيش مسئلن جو سبب فارم47 جي مسلط ڪيل حڪومت آهي، بلوچستان جو حق  حاڪميت تسليم، لاپتا ماڻهن جي مسئلي تي عدليه ۽ سيڪورٽي ادارن سنجيدگي نه ڏيکاري ته هٿ ملڻ کان سواءِ ڪجهه نه ملندو. رياست کي به ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ عملي طور ڪٿي به حڪومتي رٽ نظر ڪونه ٿي اچي، پاراچنار واقعو ان جو کليل ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي ضلع جعفر آباد جي آفيس جو دورو ۽ ضلعي امير پروفيسر محمد منصور جي نوجوان فرزند جي وفات تي تعزيت جو اظهار کان پوءِ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي اڳواڻ محمد امين بگٽي، حاجي محمد صديق کوسو، خادم حسين لاشاري ۽ جماعت اسلامي سنڌ جو صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا. مولانا اسدالله ڀٽو وڌيڪ چيو ته پوليس کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري مخالف اڳواڻن خلاف انتقامي ڪاروايون ڪرڻ سان معاشري ۾ انتشار پکڙجندو جيڪو جعلي حڪمرانن کي لوڙهي ڇڏيندو.

  • مرتضيٰ خان کي ڪجهه ٿيو ته منهنجا هٿ حڪمرانن جي ڳچيءَ ۾ هوندا:نوين جتوئي

حيدرآباد(م ڊ) مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري نوين جتوئي چيو آهي ته نارا جيل ۾ اسان کي مرتضيٰ خان سان ملاقات ڪرائڻ نه ڏني وئي،سندس طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال منتقلي لاءِ پوليس نه پئي ڏنائون،گهرو وزير جو ڀاڻيجو ايس  ايس پي لڳل آهي ان ڪري اسڪواڊ نه پئي مليو،مٿان کان جڏهن ڳالهرايو آهي تڏهن مرتضيٰ خان کي اسپتال منتقل ڪيو اٿن،حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مرتضيٰ خان کي ڪجهه به ٿيو ته منهنجا هٿ حڪمرانن جي ڳچي ۾ هوندا،گهرواري جو علاج اڳ ۾ ڪراچي ۾ ٿيندو رهيو آهي ،اسان هنن حڪمرانن وانگر لنڊن ۽ دبئي ۾ علاج لاءِ نه ويندا آهيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.