اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ هيوي ٽريفڪ ۽ اوورلوڊنگ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته حادثن ۾ فوتگيون دهشتگردي يا بيماري وگهي ٿيندڙ فوتگين کان وڌيڪ آهن، وڏين گاڏين ۽ اوور لوڊنگ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي، جنهن ۾ وڪيل بئريسٽر ظفر الله دليل ڏنو ته اصل مسئلو گاڏين جي اوورلوڊنگ جي جڳهه جو آهي، جيستائين لوڊنگ هنڌن تي ڪارروائي نه ڪئي ويندي، تيستائين ان تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سڄو مسئلو قانون جي عملدرآمد جو آهي، حادثن ۾ مرندڙ ماڻهن جو انگ دهشتگردي يا بيمارين کان مرندڙن کان وڌيڪ آهي، ڇا حڪومت وٽ حادثن ۾ ٿيندڙ موتن جو انگ آهي؟ جسٽس حسن اظهر ريمارڪس ڏنا ته پورٽ قاسم، ڪورنگي ۽ انڊسٽريل ايريا جي روڊن تي 2 فوٽ جا کڏا حادثن جو سبب بڻجن ٿا، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيترائي قانون تبديل ڪيا ويا آهن ۽ ڏنڊ وڌايا ويا آهن، جسٽس امين الدين خان چيو ته اسان هن ڪيس تي تفصيلي حڪم جاري ڪنداسين تيستائين ڪيس التوا ۾ رهندو، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوور لوڊنگ جو مسئلو صوبائي حڪومتن ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار سان حل ڪرڻو پوندو، بعد ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.