خيرپور (رپورٽر) سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) بشير خان قريشي گروپ پاران احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي جي اڳواڻي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فقير امداد منگي، اڪبر مڪول، پنهل ساريو، نصرالله ڪالادي، مجيب ڀيلار، زبيده ڪنول ۽ ٻين ڪئي. احتجاجي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه صدين کان سنڌي ماڻهن جي جياپي جو ذريعو رهيو آهي، پر پنجاب غيرقانوني طور تي 6 نوان ڪئنال ٺاهي سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اڳواڻن عالمي ۽ فطري قانونن جو حوالو ڏيندي چيو ته درياهن تي حق انهن علائقن جو هوندو آهي، جتي اهي ڇوڙ ڪندا آهن، تنهن ڪري سنڌو درياهه تي قبضي خلاف جدوجهد جاري رهندي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته هزارين سالن کان سنڌو درياهه جا وارث ۽ مالڪ سنڌي رهيا آهن سنڌو درياهه جي ڪري اسان جي وطن جو نالو سنڌ رکيل آهي جڏهن ته پنجاب پنجن درياهن جي حوالي ۽ مالڪي سان سڃاتو وڃي ٿو جنهن ۾ سنڌو درياهه شامل ناهي. انگريز سلطنت جي دور ۾ پنجاب انگريزي سرڪار جي فوجي ڀرتي طور مشهور رهيو آهي جنهن جو فائدو وٺندي پنجاب سنڌو درياهه تي قبضي ڪرڻ جي حڪمت عملي طئي ڪئي. 1945ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي هن خطي ۾ پنجاب اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجي ويو. 1960ع ۾ سنڌ طاس نالي پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن تحت پنجاب پنهنجا ٽي درياهه راوي، سلطج ۽ بياس هندستان کي وڪڻي ڏنا تڏهن کانپوءِ پنجاب جي ڪڌي نظر مسلسل سنڌو درياهه ۾ هئي ۽ پنجاب مسلسل ڏاڍ جي زور تي سنڌو درياهه جو پاڻي چورائيندو رهيو آهي. هن وقت به پنجاب پنهنجي ساڳي روش برقرار رکندي ڏاڍ جي زور تي سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ گڊو بئراج کان بند ڏيڻ جي ڪوسش ڪري رهيو آهي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پنجاب پنهنجي منصوبي ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ايندڙ سالن ۾ سنڌ بنجر ٿي ويندي ۽ لکين سنڌي پاڻيءَ لاءِ تڙپي ۽ بکن ۾ دم ڏيندا. اڳواڻن چيو ته ڪئنالن کي رد ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن تائين سنڌ جي تحريڪ جاري رهندي.