ڪراچي (نمائندن وٽان) عظيم ڪالوني سڪرنڊ مان گهر جي چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران غير قانوني طور ايڊووڪيٽ عامر عمراڻيءَ کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف مختلف قومپرست پارٽين ۽ ٻين تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. نصيرآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسن آف سنڌ جي ڪو آرڊينيٽر سسئي لوهار، وڪيل عامر عمراڻي جي گهرواري پرمل سميجو ۽ ثقلين چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي نوناري محلي کان گاجي کهاوڙ روڊ تائين ڪڍي وئي جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. پرمل سميجو ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته رياستي ادارن جي اهلڪارن طرفان ايڊووڪيٽ عامر عمراڻي کي زبردستي گهر ۾ گهڙي کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ آهي، کيس فوري آزاد ڪرايو وڃي. ثقلين چانڊيو چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪنهن صورت قبول نه ڪئي ويندي. سسئي لوهار چيو ته باشعور وڪيلن، سياسي ڪارڪنن ۽ حقن لاءِ وڙهندڙن کي کنڀي گم ڪرڻ سوچيل سمجهيل سازش آهي جيڪا ڪنهن صورت برداشت نه ڪئي ويندي. سڪرنڊ ۾ قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪري ايڊووڪيٽ عامر عمراڻيءَ کي آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. ان موقعي تي سندس ڀائرن ارشد علي عمراڻي، نجم الدين عمراڻي، منور عمراڻي، جسقم اڳواڻ مصطفيٰ زئونر، مسعود شاهه، اويس گبول، سهيل چانڊيو، گل انقلابي، شهزاد چانڊيو، ڪاشف زين ڪيريو، قدير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته صبح سوير سادو لباس پهريل ٻٽ ٻڌل اهلڪار ۽ پوليس وڪيل عامر عمراڻي کي زبردستي گهر مان کنڀي ويا. هنن چيو ته عامر عمراڻي سميت سڄو خاندان انتهائي معزز شھري آهن. عامر عمراڻي وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل آهي ۽ ڪنهن به سماجي براين توڻي ڏوهي سرگرمين سان سندس واسطو ناهي کيس بنا جواز جي گم ڪيو ويو آھي پوليس ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته جيڪڏھن عامر عمراڻي تي ڪو الزام آهي ته اسان کي ٻڌايو وڃي ۽ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ پريس ڪلب ٻاهران ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي، سمير زمان، سارنگ جويو ۽ سورٺ لوهار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضي سان گڏوگڏ بدامني عروج تي آهي جيڪا برداشت نه ڪئي ويندي، سڪرنڊ پوليس عامر عمراڻي جي گرفتاري ظاهر ڪري يا اهو ٻڌائي ته کيس ڪنهن کنڀي گم ڪيو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن عامر آزاد نه ٿيو ته سڄي سنڌ جي بار ڪائونسلن پاران احتجاج ڪيو ويندو ۽ تحريڪ هلائي ويندي. حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن اياز ڪيريو، غلام مصطفيٰ عمراڻي، ثقلين سنڌي ۽ اڪبر چانڊيو چيو ته وڪيل کي کنڀي گم ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، بار ڪائونسلون نوٽيس وٺن ۽ ڪردار ادا ڪن. سيوهڻ ۾ جساف، جسقم، پي ٽي آءِ ۽ ٻين تنظيمن ڌمال چوڪ کان پريس ڪلب تائين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. اڳواڻن نجم الدين، اياز عمراڻي ۽ ٻين وڪيل اڳواڻ کي کنڀڻ جي مذمت ڪئي. ڪوٽڙي ۾ وڪيل عامر عمراڻي جي بازيابي ۽ سنڌوءَ تي غيرقانوني 6 ڪئنال اڏڻ خلاف سياسي، سماجي ڌرين پاران ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. لونگ ملاح، آزاد قادر، اطهر ڪوريجو ۽ ٻين احتجاج ڪيو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته عامر عمراڻي سميت سڀني جبري گم ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي.