مقتول مصطفيٰ عامر جي قبرڪشائي، بورڊ موت جو سبب نه ڄاڻي سگهيو

ڪراچي (م ڊ) دوست هٿان اغوا کانپوءِ قتل ڪيل مصطفيٰ عامر جي قبرڪشائي کانپوءِ نمونا ورتا ويا. ڊاڪٽر سميه سيد جي  سربراهي ۽ مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ قبرڪشائي ڪئي وئي. 3 رڪني ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيو ويو هو جنهن ۾ پوليس سرجن ۽ اي وي سي سي عملدار به موجود هئا، لاش جا نمونا وٽڻ کانپوءِ لاش کي سرد خاني منتقل ڪيو ويو. جاچ عملدارن موجب ڊي اين اي رپورٽ کانپوءِ لاش پونئرن حوالي ڪيو ويندو. پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه سيد موجب نمونا ورتا ويا آهن، لاش وڌيڪ سڙيل هو جنهن جي ڪري موت جو سبب نه ڄاڻي سگهياسين، نمونا وٺڻ ۾ به ڏکيائي ٿي، 3 کان 7 ڏينهن ۾ ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي. نمونا وٺڻ کانپوءِ لاش ايڌي سردخاني حوالي ڪيو ويو.

هٿ آيل لاش مصطفيٰ جو آهي؟ ثابت نه ٿي سگهيو

ڪراچي: ڪيس ۾ هيل تائين ٿيل جاچ، جوابدارن جي بيانن، اعترافن ۽ پوليس کي مليل ثبوتن باوجود اهو ثابت نه ٿي سگهيو ته گاڏي مان سڙيل حالت ۾ مليل لاش  مقتول مصطفيٰ جو آهي يا ڪنهن ٻئي جو؟ جڊيشل مئجسٽريٽ ايڌي عملدارن کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو ته رپورٽ اچڻ تائين لاش ايڌي سردخاني ۾ رهندو، رپورٽ هاڪاري آئي ته لاش پونئرن حوالي ڪيو ويندو، رپورٽ ناڪاري آئي ته ٻيهر لاوارث طور قبرستان ۾ دفنايو ويندو.

لاش جي منڍي ۽ هٿ نه هجڻ بابت رضاڪارن کان غلطي ٿي: ايڌي

ڪراچي (م ڊ) سماجي اڳواڻ فيصل ايڌي چيو ته مصطفيٰ جو لاش مڪمل طور تي سڙيل هو، شروعاتي طور تي رضاڪارن کي هٿ ۽ منڍي نظر نه آئي هئي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته رضاڪار طبعي ماهر ناهن، کانئن غلطي ٿي، طبعي ماهرن جاچ ڪئي ته صورتحال واضح ٿي وئي. ان کان اڳ فيصل ايڌي چيو هو ته سڙيل لاش جا هٿ پير ۽ منڍي نه هئي.

مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ جاچ جو دائرو وڌايو ويو، ايف آءِ اي سان رابطو

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي ڊفينس علائقي ۾ دوست هٿان قتل ٿيل مصطفيٰ عامر جي ڪيس ۾ جاچ جو دائرو وڌايو ويو.  منشيات جي سپلاءِ کانسواءِ ڪال سينيٽر ۾ ڇا ٿيندو هو؟ جاچ شروع ڪئي وئي. جاچ عملدارن موجب ته اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل (اي وي سي سي) پوليس مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سان رابطو ڪيو. ارمغان جي گهر ۾ ٺهيل ڪال سينٽر ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو ويندو هو؟ ايف آءِ اي ان جي جاچ ڪندي. جاچ اختيارين موجب، ايف آءِ اي کي پئسن جي منتقلي جي تفصيلن جي جاچ ڪرڻ لاءِ چيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.