ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر پاران سنڌو درياهه مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمين تي والار ڪرڻ خلاف 25 ڏينهن اڳ سکر کان نڪتل پيادل مارچ ملير جي رزاق آباد کان پنهنجي منزل ڪراچي پريس ڪلب روانو ٿي ويو آهي، قافلي جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، قومپرست تنظيمن ۽ ڪارڪنن پاران شاندار آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي، پنڌ مارچ سڀاڻي ڪراچي پريس ڪلب پهچندو، مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي جسقم آريسر چيئرمين اسلم خيرپوري، وائيس جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنا، وائيس چيئرمين اشرف بهليم ۽ ٻين چيو سنڌو درياهه مٿان غيرقانوني ڪينال اڏڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، سنڌو درياهه اسان جي معشيت آهي، ان جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين، اسلام آباد ۾ ويٺلن کي خبردار رهڻ گهرجي ته جيستائين هڪ به سنڌي ماڻهو آهي، درياهه تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندو، هنن چيو سنڌ جا سمورا وسيلا پنجاب غضب ڪيا آهن، اسين سنڌ جي هر چوڪ چوراهي تان گذريا آهيون، سنڌي ماڻهن جي اکين ۾ جذبو ۽ ڪاوڙ ڏٺي آهي، پنجاب پنھنجي ناپاڪ منصوبي ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو، اسان جي منزل ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي.